سنڌو درياھ ۾ مسلسل چاڙھ جو سلسلو جاري، گڊو بئراج وٽ وڏي ٻوڏ برقرار آھي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 لک 35 ھزار 759 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وهڪرو 6 لک 6 ھزار 489 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بيئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 5 لک 38 ھزار 916 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 4 لک 85 ھزار 736 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آھي تہ گڊو بئراج وٽ وڏي ۽ سکر بيئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيل آهي.
ڪوٽڙي بيئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 78 ھزار 786 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 67 ھزار 631 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
آبپاشي کاتي موجب پنجند وٽ پاڻي جا وھڪرا گهٽجي ويا آھن.
پنجند وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 7 ھزار 830 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي