سنڌو درياهه ۾ مها ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو؟ ” تياري 9 لک جي ڪئي هئي پر پاڻي 7 لک ڪيوسڪ پيو اچي“: بابل ڀيو

فہرستِ مضامین

رپورٽ: عبدالله بروهي/ڪنڌڪوٽ

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صلاحڪار بابل خان ڀيو چيو آهي ته ” اسان تياري 9 لک جي ڪئي هئي پر پاڻي 7 لک ڪيوسڪ پيو اچي، بچاءَ بندن جي مضبوطي جو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي، ڪچي مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جا بندوبست ٿيل آهن، امدادي ڪيمپس به لڳايون ويون آهن.

بابل خان ڀيو ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ سنڌو درياهه جي بندن جو جائزو ورتو، کيس ٽوڙي بند تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته هُن بندن تي ھلندڙ ڪم ۽ ڪيمپ جو جو معائنو پڻ ڪيو.

بابل ڀيو چيو ته لوپ بند، ڪي ڪي بند، ٽوڙي ۽ ميوال شاهه بندن تي آبپاشي کاتي جا عملدار ڪم ڪري رهيا آهن، خطري جي ڪا ڳالهه ناهي، بچاءَ بند مضبوط آهن،8کان 9 لک پاڻي گڊو بيراج مان ڪراس ڪري ويندو.

هن ٻڌايو ته ڪچي ۾ رھندڙ ڳوٺاڻن لاءِ رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن، ٻيڙيون پڻ موجود آهن، ٻوڏ متاثر پاڻ سان چوپايو به کائي ٻاهر نڪرن، انهن کي کاڌ خوراڪ سان گڏ ڍورن لاءِ چارو به ڏينداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں