ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ڪي ڪي بند سميت 45 ھنڌن تي بندن جي صورتحال خطرناڪ آھي، انھن جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون، ٻوڏ جي صورتحال تي لساني وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.
مراد علي شاهه مزار قائد تي حاضري ڀري بعد ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ڊبليو ٽي اين جي چيف رپورٽر شبير لاشاري مراد علي شاهه کان سوال ڪيو ته: ملڪ ۾ جڏهن به ٻوڏ اچي ٿي ته نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جون ڳالهيون شروع ٿين ٿيون، وفاقي سرڪار جي فنڊ سان تعمير ٿيندڙ سنڌ ۾ گاج ڊيم 2008 کان رولڙي جو شڪار ڇو آهي؟
مراد علي شاهه جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي جو ڊيمز بابت موقف ڪليئر آهي، تڪراري ڊيمز نه ٺهڻ گهرجن، جن ڊيمن تي صوبا راضي آهن، اُهي ڀلي ٺهن، گاج ڊيم پراجيڪٽ تي به ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڊيم ٺهڻ سان منڇر تي مٺو پاڻي اچڻ بند ٿي ويندو، پر ان باوجود هي ڊيم ڊيم ٺهڻ گهرجي.
مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت گاج ڊيم جي ڪم ۾ دير ڪري رهي آهي، جنهن سبب ڊيم جو ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي.
ڪچين آبادين مان ماڻهن کي اٿاريو ته مسئلو ٿيندو
وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي ته ڊيمن بابت پيپلزپارٽي جو موقف واضح آھي، چاھيون ٿا ته تڪراري ڊيم نه ٺھڻ گھرجن، لياري ندي ۾ ڪيتريون ئي ڪچيون آباديون آهن، پر اتي رھندڙ ماڻھو کي اٿاريو ويو ته سندن رھائش جو مسئلو ٿيندو، اسان ائين نٿا ڪري سگھون تھ کين اٿاري ڦٽو ڪري ڇڏيون، برسات ٿئي ٿي تھ شھري گھرن ڏانھن ڊوڙڻ شروع ڪن ٿا، جنھن سبب شاھراھ فيصل تي مسئلو ٿئي ٿو، شھرين کي ائين نه ڪرڻ گھرجي