سمنڊ ۾ ايراني تيل جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، ڪسٽمز 49 لک 33 هزار جو ڊيزل ۽ 2 ڪروڙ ماليت جي لانچ ضبط ڪري ڇڏي، ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني تيل جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 49 لک 33 هزار جو تيل ۽ 2 ڪروڙ ماليت جي لانچ (ٻيڙي) ضبط ڪئي وئي آهي.

ترجمان موجب کلي سمنڊ ۾ اوڙماڙا ڀرسان ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ”ال خولا لانچ کي روڪيو ويو.

ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي جي ترجمان موجب لانچ مان 18 هزار 271 ليٽر ايراني ڊيزل هٿ آيو، جنهن جي ماليت 49 لک 33 هزار روپين کان وڌيڪ آهي. ترجمان ٻڌايو ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيل لانچ به ضبط ڪئي وئي آهي.

ترجمان موجب ضبط ڪيل ڊيزل ۽ لانچ جي مجموعي ماليت 2 ڪروڙ 49 لک 33 هزار روپيا آهي، جڏهن ته لانچ ۾ سوار ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں