اسلام آباد: عدالتي نمائندي بئريسٽر سلمان صفدر پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ تفصيلي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي.
گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ سلمان صفدر کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ عدالتي نمائندو مقرر ڪيو ھو ۽ گذريل ڏينھن ئي سلمان صفدر اڊيالا جيل پھچي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪئي ھئي.
عدالتي نمائندي سلمان صفدر سپريم ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي منصوب ڪيل خبرون بي بنياد قرار ڏيندي چيو تہ ھن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آھي.
سلمان صفدر موجب ھن کي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 12 ھين وڳي تائين جو وقت ڏنو ويو ۽ ھن مقرر وقت تي ئي رپورٽ جمع ڪرائي چڪو آھي، رپورٽ 7 صفحن تي ٻڌل آھي. ..