سلامتي ڪائونسل اجلاس، آمريڪا سميت 15 ملڪن طرفان اسرائيل جو نالو وٺڻ کانسواءِ قطر تي حملي جي مذمت

فہرستِ مضامین

سلامتي ڪائونسل جي 15 ملڪن اسرائيل جو نالو وٺڻ کانسواءِ قطر تي حملن جي مذمت ڪئي آھي.

آمريڪا سميت سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن جو گڏيل بيان برطانيہ ۽ فرانس تيار ڪيو.

سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ قطر تي حملي جي مذمت ڪئي وئي.

بيان ۾ قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت ڪئي وئي.

گڏيل بيان ۾ غزا مان يرغمالين جي آزادي ۽ جنگبندي کي پھرين ترجيح بڻائڻ تي بھ زور ڏنو ويو.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار جو چوڻ آھي تہ دوحا تي اسرائيل جو حملو قطر جي خودمختياري تي حملو آھي.

ھن چيو تہ اسرائيل قطر تي حملو ڪري امن کي بھ نقصان پھچايو  آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں