سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل، انڊونيشيا جو صدر دوري تي پاڪستان پهچي ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پاڪ-انڊونيشيا سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انڊونيشيا جو صدر پرابووسوبيانتو سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو.

اسلام آباد جي نور خان ايئربيس پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مهمان جو استقبال ڪيو، انهي موقعي تي انڊونيشين صدر کي 21 توپن جي سلامي بہ پيش ڪئي وئي.

ٻن ڏينهن جي دوري ۾ صدر پرابوو سوبيانو سياسي، عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي،  موسميات، تعليم ۽ ثقافت تي ڳالهيون ٿينديون، جڏھن تہ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترين ئي مفاهمتي ياداشتن تي بہ صحيحن جو امڪان آهي.

ياد رھي تہ وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي.  اهو دورو پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي ٿي رھيو آهي، انڊونيشيا مان آخري صدارتي دورو صدر جوڪوويدوڊو 2018 ۾ ڪيو هو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں