راولپنڊي : پاڪستان جي دوري تي موجود سعودي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي جي ايڇ ڪيو پھچي پاڪ فوج جي سربراھ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان تفصيلي ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن،اسٽريٽجڪ فوجي سھڪار کي مضبوط بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو۔
هنن دفاعي ۽ سيڪيورٽي سھڪار سان گڏ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي بہ زور ڏنو، سعودي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي سعودي ھٿياربند فوج سان مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي سھڪار جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل فياض بن حميد الرويلي يادگارِ شهداءَ تي گل رکي، جڏھن تہ پاڪ فوج جي دستي سعودي فوجي چيف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو…