سعودي عرب کانپوءِ ٻيا ملڪ بہ پاڪستان سان دفاعي معاھدو ڪرڻ چاھين ٿا: اسحاق ڊار

فہرستِ مضامین

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آھي تہ پاڪستان معرڪہ حق ۾ پاڻ کي عسڪري طاقت ثابت ڪيو، سعودي عرب کانپوءِ ٻيا ملڪ بہ پاڪستان سان دفاعي معاھدا ڪرڻ چاھين ٿا، ھاڻ معاشي طاقت بڻجڻ جو وقت آھي.

لنڊن ۾ پاڪستان ھاءِ ڪميشن ٻاھران ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي اسحاق ڊار چيو تہ پاڪ-سعودي دفاعي معاھدي سان ٻنھي ملڪن کي فائدو آھي.

اسحاق ڊار چيو تہ ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاڻ کي دفاعي طاقت ثابت ڪري ڇڏيو، ھاڻي معاشي طاقت بڻجڻو آھي.

ھن چيو تہ پاڪ-سعودي دفاعي معاھدي تي ڪنھن بہ ملڪ کي خدشا نہ آھن. 17 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سعودي راڄڌاني رياض ۾ تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿيون هيون، جنهن تحت ڪنهن بہ ملڪ خلاف جارحيت کي ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت سمجهيو ويندو……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں