پاڪ فوج چيو آھي تہ سعودي عرب تي ايران جا حملا پر امن ذريعي سان تڪرارن کي حل ڪرڻ واري ڪوششن کي نقصان پھچائي رھيا آھن.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 274 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي، علائقائي صورتحال ۽ سعودي عرب تي ٿيندڙ تازن حملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، فورم سعودي عرب جي پيٽرو ڪيميڪل ۽ صنعتي مرڪزن تي ميزائل توڙي ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو تہ ايران پاران اهڙا حملا پرامن ذريعن سان تڪرار حل ڪرڻ جي مخلصاڻي ڪوششن کي سخت نقصان پهچائي رھيا آهن.
ڪانفرنس ۾ چيو ويو تہ سعودي عرب سنگين اشتعال انگزين باوجود هاڻي تائين صبر ۽ محتاط رويي جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن سان ٽياڪڙي ۽ سفارتي حل لاءِ دڳ کُليا آھن، جڏھن تہ اهڙي قسم جي بنا جواز جارحيت علائقائي امن جي ماحول کي سنگين طور متاثر ڪري ٿي.
دهشتگردي جي خاتمي بابت ڳالهائيندي فورم عزم ڪيو تہ پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال هاڻي فيصلي ڪن طور تي مڪمل ختم ڪيو ويندو ۽ “آپريشن غضب لِلحق” جي رفتار تيسين برقرار رکي ويندي جيسين دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن جو مڪمل خاتمو نہ ٿي وڃي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چوڻ هو تہ ڀارت ۽ ٻين ٻاهرين سرپرستن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ تمام دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ مددگارن کي بنا ڪنهن فرق جي مسلسل تعاقب ذريعي ختم ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو تہ حڪومت، هٿياربند فوج ۽ عوام جي سهڪار سان پاڪستان معاشي استحڪام ۽ عالمي سطح تي پنهنجي حيثيت کي بهتر جي ڪوششن ۾ رڌل آھي.
ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي مسلسل لتاڙ، عدالت کان مٿڀري قتلن ۽ جعلي مقابلن تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏھن تہ ڀارت جي گمراه ڪندڙ معلومات ۽ بي بنياد الزامن کي رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو تہ ڀارتي حربا هاڻي عالمي سطح تي بي نقاب ٿي چڪا آهن.
اجلاس جي پڄاڻي تي آرمي چيف ملڪي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ڪمانڊرن کي آپريشنل تيارين، اعليٰ نظم و ضبط ۽ جديد جنگي مهارتن جو معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.
ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي خودمختاري ۽ سالميت کي يقيني بنائڻ لاءِ هٿياربند فوج جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.