سعودي پريس ايجنسي موجب، شاهي خاندان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ شهزادہ بندر بن عبد الله آل عبدالرحمان آل سعود لاڏاڻو ڪري ويو آھي.
سعودي ميڊيا موجب، سعودي شهزادي جي جنازي نماز رياض جي جامع مسجد امام ترڪي بن عبد الله ۾ ادا ڪئي وئي.
سعودي ميڊيا موجب جنازي نماز ۾ رياض جي گورنر فيصل بن بندر بن عبد العزيز، ٻين سعودي شهزادن، سعودي عملدارن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.