ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي کي شهر لاءِ اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
ڪينٽ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت هر عالمي فورم تي ڳالھايو آهي، گڏجي ڪوششپون جاري رکنداسين ۽ جلد هي منصوبو حقيقت بڻجندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ ريلوي کاتي شاليمار ٽرين کي آئوٽ سورسنگ ذريعي نئون بڻائي ڇڏيو آهي، ڪراچي روشنين جو شهر آهي، شاليمار ٽرين جي صفائي ڪراچي ويسٽ مينيجمينٽ جي ذميواري آهي۔
هن چيو تہ ٿرڪول کي ٽرانسپورٽ ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌحڪومت گڏيل ڀائيوار آھي، هتي ريلوي جو نظام ناڪارا ٿي ويو هو، حنيف عباسي ۽ سندس ٽيم هن نظام کي جديد بڻايو.
وزيراعظم چيو تہ جيئن پنجاب سان پارٽنرشپ آهي، تيئن سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سان بہ پارٽنرشپ ڪئي ويندي، ٿرڪول ٽرانسپورٽ ڪرڻ لاءِ فريٽ سسٽم کي بحال ڪري رھيا آھيون ۽ جيڪا رقم گهربل آهي اها فراهم ڪئي ويندي۔
شهباز شريف چيو تہ انتظارگاهہ، ڊائننگ روم، آٽوميٽڪ ٽڪيٽنگ سسٽم ۽ شاليمار ايڪسپريس کي نئين ٽرين بڻايو ويو آهي، جيڪڏھن تهران کان استنبول تائين ريلوي روٽ بحال ڪيو وڃي تہ ريلوي کي چار چنڊ لڳي ويندا، ھي سڀ منصوبا ڪاغذن ۾ ھئا جيڪي حقيقت بڻجي رھيا آھن.
ھن چيو تہ وچ ايشيا ۾ ريلوي جي وڏي ضرورت ھئي، اوھان ڪوشس ڪيو تہ پاڪستان کي ريلوي ذريعي ٻين ملڪن سان جوڙيون.
وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جو دورو ڪيو، جتي ريلوي وري وفاقي وزير حنيف عباسي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ ٻيا بہ موجود ھئا، وزيراعظم شهباز شريف شاليمار ايڪسپريس جي اپ گريڊيشن کانپوءِ افتتاح ڪيو۔
تقريب ۾ خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو تہ وزيراعظم جي رھمنائي ۽ وزن هيٺ ڪم ڪرڻ سکيو آهي، سياست ۾ جيڪڏھن ڪنهن کي استاد مڃيندو آهيان تہ اهو وزيراعظم آھي.
حنيف عباسي چيو تہ گذريل اٺ مهينن ۾ ريلوي ۾ واضح سڌارا آيا آهن، جڏھن کاتو مليو تہ ريلوي زبون حالي جو شڪار ھو، ڪراچي جي سٽي اسٽيشن جي بہ اپگريڊيشن ڪري رھيا آھيون.
هن ٻڌايو تہ 150 سالن بعد روھڙي جنڪشن کي اپ گريڊ ڪري رھيا آھيون، ٽرينن، اسڪولز ۽ ڪاليجز کي آئوٽ سورس ڪري رھيا آھيون، ملازمن جي بہ مڪمل حفاظت ڪئي آهي، وڌيڪ 14 ٽرينون آئوٽ سورس ٿي رھيون آھن.
وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ وفاق پاران ريلوي اسٽيشن جي سجاوٽ ڪرڻ واکاڻ جوڳي آھي، چيو هو جيستائين سکر–حيدرآباد روڊ ٺهي، تيستائين ھي سهارو آهي، ٽرانسپورٽ ۾ گهڻو ڪم ڪري رھيا آهيون، پيپلزبس، اليڪٽرڪ بس ۽ پنڪ بس آڻي رھيا آھيون، ڪراچي کي سرڪلر ريلوي جي سخت ضرورت آهي ۽ ان لاءِ وفاقي سھڪار جي ضرورت آهي۔ مراد علي شاھ چيو تہ وزيراعظم کان درخواست آھي تہ سکر-حيدرآباد موٽروي جلد ٺاھيو وڃي…..