سرحد پار دھشتگردي برداشت جي حد وڃائي چڪي آھي: صدر آصف علي زرداري

فہرستِ مضامین

آصف علی زرداری چيو آهي تہ سرحد پار دهشتگردي لاءِ برداشت هاڻي پنهنجي حد تي پهچي چڪي آهي ۽ منصوبابندي ڪندڙ جتي بہ ھجن قانون جي گرفت کان بچي نہ سگھندا.

پنهنجي بيان ۾ صدر چيو تہ پاڪستان پنهنجي فطري دفاعي حق تحت ضروري قدم کڻي رھيو آهي، روڪڻ باوجود دهشتگرد گروھن کي لڳاتار جاءِ ملندي رھي، افغانستان ۾ حالتون گذريل دور کان بہ وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ۽ غيريقيني بڻجي ويون آهن ۽ دوحہ معاھدي جي ابتڙ دهشتگرد عنصرن کي کليل ڇوٽ مليل آهي۔

صدر چيو تہ گڏيل قومن جي تازي رپورٽ ڪيترن ئي گروھن جي افغانستان ۾ سرگرم موجودگي جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب داعش خراسان ۽ پابندي مڙھيل ٽي ٽي پي سميت ڪيتريون ئي تنظيمون افغان سرزمين استعمال ڪري رھيون آھن.

صدر افسوس ظاهر ڪندي چيو تہ افغان اختيارين خبردارين باوجود ڪي اعتبار جوڳا قدم نہ کنيا، پاڪستان ڊگهي عرصي تائين صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪارروايون محدود علائقن تائين رکيون، پر هاڻي تشدد جا ذميوار جتي بہ هوندا، انهن تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي۔

هن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو، امن تڏھن ئي ممڪن آهي جڏھن دهشتگردي خلاف سنجيدہ ۽ عملي قدم کنيا وڃن، پاڪستاني شهرين جي جانن جو تحفظ ترجيح آهي ۽ ان معاملي ۾ڪا بہ  سوديبازي نہ ڪئي ويندي.

آصف علي زرداري وڌيڪ چيو تہ افغانستان ۾ طالبان حڪومت نائن اليون کان اڳ جھڙي بدتر صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، ٽي ٽي پي، القاعدہ،  داعش خراسان ۽ ٻيون تنظيمون افغانستان مان آپريٽ ٿي رھيون آھن، جماعت انصار اللھ، اتحاد المجاھدين پاڪستان ۽ ٻيا گروھ افغانستان ۾ موجود آھن……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں