دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ سرحد جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي تہ جوابي ڪارروائي ڪئي ٿيندي، افغانستان اندر وڃي بہ جواب ڏيڻو پيو تہ ڏنو ويندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته افغان طالبان سان ڪالهه شام معاملو مڪمل ٿيو، ٽياڪڙي ڪندڙ بہ واضح ڪيو تہ آخر ڪابل جي نيت ڇا آھي.
خواجه آصف چيو ته هاڻي دوا ڪا به ناهي، رڳو دعا ئي ڪري سگھي ٿي، خدشو آهي طالبان افغانستان کي ماضي ڏانهن ڌڪي رھيا آھن، افغانستان رياست جي تعريف تي پڻ پورو نٿو لهي، طالبانن کي رياست جي سڃاڻپ جي خبر ئي ناھي، ڪابل حڪومت ۾ ڪو به اهڙو ناهي جيڪو رياست جي وضاحت ڪري.
دفاع واري وزير چيو تہ جيڪڏهن افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، جيڪڏهن سرحدن جي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اسان به حملو ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ڀڃڪڙي تي اسان کي افغانستان جي اندر وڃي جواب ڏيڻو پيو ته ڏينداسين.
ان چيو ته ڪابل مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪڏهن ايئن آھي تہ ايئن ئي صحيح، افغانستان سڀ ڳالهيون قبول ڪري ٿو پر لکت ۾ ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.