سارين جو مناسب اگھ نہ ملڻ خلاف ڪڍڻ ۾ آبادگارن روڊن تي نڪري آيا، روڊ بلاڪ

فہرستِ مضامین

ڪڍڻ ۾ سارين جو مناسب اگھ نہ ملڻ خلاف آبادگارن مک شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو آھي، آبادگارن دانھيو آھي تہ سارين جا اگھ گھٽائي سندس معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي.

ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن بدين جي سڏ تي عزيز الله ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍڻ بدين روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

آبادگارن دانھيو تہ حڪومت سارين جو اگھ اوچتو گھٽائي ڇڏيو آھي، موجودھ اگھ سبب فصل تي ڪيل خرچ بہ نہ پيو نڪري، ھاري جو جياپو ڏکيو ٿي ويو آھي.

ھنن مطالبو ڪيو تہ سارين جي في مڻ جو اگھ 4 ھزار روپيا مقرر ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں