سادات جي توھين ڪئي وئي ، اي آر وائي ڊجيٽل انتظاميه تي ايف آئي آر داخل

فہرستِ مضامین

‎دادو ٿاڻي تي خانگي چينل  اي آر وائي ڊجيٽل جي مالڪ سلمان اقبال سميت ٽيم تي ايف آر درج ڪرائي وئي آھي۔

ايف آئي آر  ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته شير نالي ڊرامي ۾ ‎خانگي ٽي وي جي سي اي او سلمان اقبال ڊائريڪٽر احسن تلاش ڊراما ليکڪ زنجير عاصم شاھ ۽ ٻين ‎ سادات ذات ۽ مذهبي عقيدن جي توهين ڪئي وئي آھي.  

‎فريادي ‎سيد اياز علي ٿاڻي اي سيڪشن تي پھچي ڪيس داخل ڪرايو ‎جنھن ۾ مذهبي جذبات مجروح ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا  آھن، ياد رھي ته ڊرامه سيريل شير جي گذريل ھفتي آخري قسط نشر ڪئي وئي ھئي ، ھن ڏس ۾ اڃا تائين اي آر وائي انتظاميه جو موقف سامھون  نه آيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں