اسلام آباد/ڪراچي: مذھبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي ان انڪشاف ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آھي تھ مقدس ماڳن جي زيارت لاءِ عراق، ايران ۽ شام ويل 40 ھزار کان وڌيڪ پاڪستاني پانڌيئڙا گم ٿي ويا آھن ۽ خبر نھ آھي تھ ھو ڪيڏانھن ويا آھن.
وفاقي وزير جو چوڻ آھي تھ حڪومت وٽ گم ٿي ويل پانڌيئڙن جو ڪو ريڪارڊ بھ موجود نھ آھي.
اميگريشن ذريعن جو چوڻ آھي تھ گم ٿي ويل زائرين مان اڪثر عراق ۾ پنڻ وارو ڌنڌو ڪرڻ ۾ ملوث آھن، ڪجھھ غير قانوني طور ملازمتون ڪري رھيا آھن تھ ڪجھھ وري ترڪي رستي يورپ نڪري ويا آھن.
- عراق مان شڪارپور، ڪشمور ۽ ٻين ضلعن جون 66 گداگر عورتون گرفتار

جولاءِ 2024 ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪوئيٽھ پاران تافتان بارڊر تي مقرر ايف آءِ اي جي آفيسر انچارج کي ان حوالي سان ھڪ خط بھ لکيو ويو ھو، خط ۾ ڊائريڪٽر اميگريشن ايف آءِ اي اسلام آباد جي ھڪ خط جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو تھ بغداد ۾ گداگري ۾ ملوث 66 عورتن ۽ سندن ٻارن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي، گرفتار ڪيل انھن عورتن ۽ ٻارن جو تعلق شڪارپور، ڪشمور، راجنپور، رحيم يار خان، صادق آباد ۽ ڊيرا غازي خان ضلعي سان آھي.
خط ۾ ٻڌايو ويو ھو تھ زيارتن لاءِ انھن ملڪن ڏانھن ويندڙ ڪجھھ فيمليز جا مرد عورتن ۽ ٻارن کي پنڻ لاءِ ڇڏي واپس موٽي اچن ٿا ۽ سندن ٻار ٻچا اتي گداگري ڪن ٿا. خط ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ھو تھ غير قانوني ڌنڌي لاءِ ويندڙن جي اڪثريت جو تعلق منڊي بھاءُ الدين، گوجرانوالا، گجرات، حافظ آباد، وزير آباد، شيخو پورھ ۽ پارا چنار سان آھي، ھو ايجنٽن کي ڳريون رقمون ڏين ٿا، جيڪي کين زيارت ويزا ذريعي ايران اماڻين ٿا ۽ عراق ۾ ھنن جي غير قانوني داخلا لاءِ سھولتڪاري جو ڪم بھ ڪن ٿا.
- پاڪستاني شھرين جي گداگري تي عراقي حڪومت پاران ڪاوڙ جو اظھار
ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اميگريشن ڪوئيٽا جي ان خط ۾ ٻڌايو ويو ھو تھ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي عراقي اختيارين سان گڏجاڻي بعد ٻڌايو آھي تھ عراقي سرڪار ملڪ اندر وڏي انگ ۾ پاڪستاني شھرين جي غير قانوني طور ترسڻ ۽ گداگري ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي. عراقي حڪومت تجويز ڏني آھي تھ پاڪستاني حڪومت زائرين ۽ ٽوئر آپريٽرز کان اھا گارنٽي وٺي تھ ھو زيارتون ڪرڻ بعد پاڪستان واپس ھليا ويندا ۽ غير قانوني طور ترسڻ جي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
خط ۾ چيو ويو تھ جيڪڏھن ان رجحان تي ضابطو نھ آندو ويو تھ پوءِ پاڪستاني شھرين جي بليڪ لسٽ ٿيڻ جو خدشو بھ آھي.خط موجب بغداد ۾ مقرر پاڪستاني سفير بھ عراق ۾ پاڪستاني شھرين جي غيرقانوني طور ترسڻ واري عمل تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ھو.
پاڪستاني سفير موجب 40 کان 50 ھزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني عراق جي نجف، ڪربلا، بصرھ ۽ ڪردستان ريجن جي ڪجھھ حصن ۾ موجود آھن. انھن مان رڳو ڪجھھ ماڻھو قانوني طور ڪنسٽرڪشن ڪمپنين، گڏيل قومن جي ادارن، ھيلٿ ڪيئر، آئل، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ٻين شعبن ۾ ملازمت ڪري رھيا آھن. باقي سمورا ماڻھو غير قانوني طور ترسيل آھن.
پاڪستاني سفارتي مشن موجب عراق ۾ گداگري ڪندڙ 30 عورتن ۽ 36 ٻارن جي موجودگي جي خبر پئي، نون ڄاول ٻارن کان ويندي 8 کان 10 سالن جي عمر جا ٻار بھ عورتن سان گڏ نظر اچي رھيا آھن، عورتن مشن کي ٻڌايو تھ ھو اربعين دوران عراق آيون ھيون، جنھن بعد اھي مختلف شھرن ۾ پني رھيون آھن. اھي عورتون ڪوئيٽا کان روڊ رستي زاھدان آيون ھيون.
- پاڪستاني زائرين پاڻ سان گڏ منشيات بھ کڻي اچن ٿا: عراقي اختياريون

سفارتي مشن وڌيڪ ٻڌايو تھ عراقي پارليامينٽ جي ميمبر ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين سان ملاقات دوران انڪشاف ڪيو ويو تھ پاڪستاني شھري روڊ رستي ايران مان ايندي عراق ۾ منشيات بھ کڻي اچن ٿا.
مشن موجب عراق ۾ غير قانوني طور داخل ٿيندڙ اڪثر پاڪستاني عاشورن ۽ اربعين جي ڏينھن ۾ ويلڊ زيارت ويزا تي پھرين ايران اچن ٿا ۽ پوءِ غير قانوني طور عراق ۾داخل ٿين ٿا، مشن موجب عراق ۾ 21 پاڪستاني شھرين کي منشيات جي ڪيسن ۾ سزائون بھ ملي چڪيون آھن ۽ اھا سموري صورتحال پاڪستان لاءِ شرمندگي جوڳي آھي.

اميگريشن ذريعن جو چوڻ آھي تھ گداگرن يا پينو فقيرن کانسواءِ ڪجھھ ٻيا اھڙا ماڻھو بھ ھجن ٿا جيڪي زيارت واري ويزا استعمال ڪري ايران ۾ داخل ٿيڻ بعد غير قانوني طور عراق، شام ۽ ترڪي نڪري وڃن ٿا، ترڪي پھچڻ بعد ھو انساني اسمگلرز جي مدد سان يونان ۽ اٽلي وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.پر يونان ۾ غير قانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران ٻيڙيون ٻڏڻ وارن واقعن بعد ھاڻي اختيارين پاران وڌيڪ سختي ڪئي وئي آھي ۽ ھن روٽ سان ويندڙ ماڻھن جو انگ گھٽجي ويو آھي.
- قافلن جي سالار وارو پراڻو نظام جلد ختم ڪيو ويندو: وفاقي وزير
مذھبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جو چوڻ آھي تھ عراق، ايران ۽ شام غير قانوني طور ايندڙ پاڪستاني شھرين جو مسئلو اٿاريو ھو، ھاڻي حڪومت زائرين کي انھن ملڪن ڏانھن اماڻڻ واري نظام کي منظم ڪرڻ لاءِ ھڪ نئون ڪمپيوٽرائيزڊ نظام متعارف ڪرايو آھي، جنھن تحت ھاڻي زائرين مخصوص رجسٽرڊ زائرين گروپ آپريٽرز جي ذريعي ئي سفر ڪندا.

وفاقي وزير ٻڌايو تھ ايران ۽ عراق جي مقدس ماڳن جي زيارت جو نئون مربوط نظام آڻي رھيا آھيون، قافلن جي سالار وارو پراڻو نظام جلد ختم ٿي ويندو، زيارت گروپ آرگنائيزر طور پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ھيل تائين 14 سئو کان وڌيڪ ڪمپنين مذھبي معاملن واري وزارت کي درخواستون جمع ڪرايون آھن، ٻين ڪمپنين کي بھ اھڙي رجسٽريشن ضرور ڪرائڻ گھرجي.