سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوشھرو فيروز جي ڪچي مان زمينداري بند ختم ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوشھرو فيروز جي ڪچي جو دورو ڪيو، جنھن دوران کيس پاڻي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز محمد ارسلان سليم، ايس ايس پي روحل کوسو، ضلعي ڪائونسل چيئرمين اختر عباسي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا، جن گھرو وزير کي بريفنگ ڏني.
ضياءَ الحسن لنجار چيو تہ زمينداري بند پاڻي وھڪرن ۾ رنڊڪ ۽ عوام لاءِ خطرو آھن، تنھنڪري زمينداري بند فوري طور ختم ڪرايا وڃن.
گھرو وزير چيو تہ پاڻي جي صورتحال بھتر آھي، خطري جي ڪا ڳالھھ ناھي، حڪومت عوام کي اڪيلو نھ ڇڏيندي.
گھرو وزير کي ٻڌايو ويو تہ بندن تي مرمتي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ڏينهن رات نگراني لاءِ آفيسر ۽ عملو مقرر آهي.
آبپاشي کاتي جي آفيسرن ٻڌايو ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ اسٽاف الرٽ رکيو ويو آهي، لڳ ڀڳ ساڍا پنج لک ڪيوسڪ پاڻي نوشھرو فيروز وٽان سنڌو درياھہ مان گذرندو، تنهن هوندي به موجوده صورتحال اطمينان بخش آهي.
گھرو وزير عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ پاڻي جي وهڪرن تي لڳاتار نظر رکي وڃي ۽ ڪنهن به هنگامي حالت ۾ فوري قدم کنيا وڃن.