اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جج جسٽس محسن اختر ڪياني مڙس جي اپيل تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آھن تہ زال کي ڏنل تحفو واپس نٿو وٺي سگھجي
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ گذريل ڏينھن جسٽس محسن اختيار ڪياني شھري محمد شعبان پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا تہ گھرواري کي ڏنل تحفو واپس نٿو وٺي سگھجي
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ زال کي ڏنل تحفو واپس وٺڻ ٿڪ اڇلي چٽڻ واري ڳالھ آھي، اھڙي ڪا روايت ئي ناھي، اسلام بہ ان جي اجازت نٿو ڏئي
ٻڌڻي دوران دليل ٻڌڻ بعد عدالت مڙس جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو….