پاڪستان جي فلم انڊسٽري جي ماضي جي مشھور اداڪارھ نشو بيگم پنھنجي شادي کي بيوقوفي قرار ڏيندي اعتراف ڪيو آھي تھ سندس ٽي شاديون ٿي چڪيون آھن، ھڪ انٽرويو دوران نشو بيگم چيو تھ سعودي عرب جھڙي ملڪ ۾ بھ عورتن جون 10-10 شادي ٿي وينديون آھن، عورتون ھڪ طلاق بعد ٻي شادي ڪري وٺنديون آھن پر اسان جي ملڪ ۾ نڪاھ کي مسئلو بڻايو ويو آھي، پاڪستان ۾ به ڪيترين ئي اداڪارائن وڏي عمر ۾ شاديون ڪيون آھن، جن ۾ بشريٰ انصاري، انجمن ۽ ثمينه احمد شامل آھن.
رشتا ايندا رھندا آھن، ڪڏھن بھ شادي ڪري سگھان ٿي: نشو بيگم
انٽرويو دوران نشو بيگو چيو تھ ھن جي لاءِ ڪڏھن به رشتن جو اچڻ وارو سلسلو بند ناھي ٿيو، ھن وقت تائين ڪيترن ئي ماڻھن طرفان شادي جي آڇ ڪئي وئي آھي، مون کي تھ ھن وقت تائين بھ رشتا ايندا رھندا آھن، شادي جو عمر سان ڪو بھ تعلق ناھي، مان ڪنھن به وقت شادي ڪري سگھان ٿي، پٽ چوندو آھي تھ امان شادي ڀلي ڪريو پر ڪو بيوقوف نه ھجي.
ريکا شادي ڪندي ته مان به چوٿين شادي ڪنديس: نشو بيگم
انٽرويو دوران اداڪارھ نشو بيگم مسڪرائيندي چيو ته جيڪڏھن ريکا شادي ڪندي تھ ھو به ڪندي، ھن چيو ته ھن پنھنجي زندگي ۾ 3 شاديون ڪيون آھن، چوٿين شادي ڪري سگھي ٿي، شادي ڪنھن به ملڪ ۾ مسئلو نه ھجڻ گھرجي، ھر انسان کي پنھنجي زندگي بابت فيصلو ھجڻ ڪرڻ جو اختيار ھجڻ گھرجي.
ياد رھي تھ اداڪارا نشو بيگم 3 شاديون ڪيون آھن، سندس پھرين شادي امام رباني سان ٿي، جنھن مان کيس ھڪ نياڻي جو اولاد آھي، سندس پھرين شادي رڳو 11 مھينن تائين ھلي سگھي، ادڪارا ٻي شادي مشھور شاعر تسليم فاضلي سان ڪئي ھئي، جيڪو ڀارتي شاعر ندا فاضلي جو ڀاءُ آھي، سندس مڙس تسليم فاضلي 32ورھين جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو ھو، نشو بيگم ٽئين شادي ڪاظم پاشا سان ڪئي ھئي، نشو بيگم ۽ ڪاظم پاشي جي شادي سندس فوتگي تائين جاري رھي.
نشو بيگم ڪير آھي؟
نشو بيگم پاڪستان جي مشھور اداڪارا آھي، ھو 13 آگسٽ 1984 ع تي پنجاب جي شھر گجرات ۾ جنم ورتو، نشو بيگم فني ڪيريئر جي شروعات ٿيٽر مان ڪئي، ھن 1970ع کان وڏي اسڪرين تي نظر آئي، نشو بيگم ڏسندي ئي ڏسندي وڏين وڏين فلم ۾ نظر آئي، نشو بيگم وحيد مراد ۽ نديم بيگ سان گڏ بھ ڪم ڪيو، نشو بيگم جي مشھور فلمن ۾ ٻھروپ، بازيگر، يارويس پنجاب دي ۽ ٻيون بھ ڪيتريون ئي فلمون شامل آھن، نشو بيگم پنھنجي مڙس تسليم فاضل جي لکيل ڪلام بھ مختلف فلمن ۾ ڳايا، جن کي ڏاڍي مشھوري ملي، نشو بيگم ظالم تي مظلوم، نمڪ حرام، فول ميري گلشن ۽ نيلم فلم ۾ بھ اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا