ريحام خان جي نئين پارٽي ۽ ذوالفقار جونيئر سان تڪرار

فہرستِ مضامین

پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گھر واري ۽ ٽي وي اينڪر ريحام خان جي سياست ۾ انٽري بحثن جو موضوع بڻيل آھي.

ريحام خان 15 جولاءِ تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ريپبلڪ پارٽي نالي ھڪ نئين پارٽي لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ريحام خان ان پريس ڪانفرنس دوران پارٽيءَ جي منشور توڙي عھديدارن جي نالن جو اعلان نھ ڪيو.

ريحام خان چيو تھ سندس جماعت ۾ اھڙا سياستدان شامل نھ ٿي سگھندا جيڪي عوام کان ووٽ وٺي پنھنجن تڪن مان غائب ٿي وڃن ٿا. ھن چيو تھ سندس پارٽي سوشل ميڊيا جي اسٽارز، ناليوارين شخصيتن، ٽڪ ٽوڪرز ۽ کوکلا نعرا ھڻندڙ ماڻھن جي لاءِ بھ نھ آھي، سندس پارٽي ۾ رڳو سنجيدھ قسم جا ماڻھو ئي شريڪ ٿي سگھندا.

پهرين هڪ شخص لاءِ سياست ۾ آيس، هاڻي عوام لاءِ آئي آهيان: ريحام خان

ريحام خان چيو تھ پھرين مان ھڪ شخص لاءِ سياست ۾ آئي ھيس، ھاڻي پنھنجي ۽ عوام لاءِ آئي آھي، ريحام خان جي ان جملي کي سندس اڳوڻي مڙس عمران خان تي طنز سمجھيو پيو وڃي.

ريحام خان چيو تھ منھنجي ڪوشش ھوندي تھ پارٽي ۾ عورتن، آبادگارن، ڳوٺاڻن، وچولي طبقي جي ماڻھن ۽ نوجوانن جي برابر نمائندگي ھجي ۽ اھڙن ماڻھن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي جيڪي عوام لاءِ ڪم ڪرڻ چاھين ٿا.

ھن اھا بھ دعويٰ ڪئي تھ کيس ماضي ۾ ڪيترين ئي سياسي جماعتن ۽ سياستدانن پاران شموليت لاءِ آڇون ٿينديون رھيون پر ھن اھي ٿڏي ڇڏيون. ريحام خان چيو تھ ھوءَ گذريل چونڊن ۾ پاڻ سياسي طور متحرڪ نھ ٿي ھئي، ھاڻي ھن پنھنجي نئين جماعت تحت متحرڪ سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.

گيٽ نمبر 4 مان نھ آئي آھيان: ريحام خان

ريحام خان ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ دوران ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ مون اڄ تائين گيٽ نمبر 4 ڏٺو ئي نھ آھي، اسان تھ جڏھن بھ ويا آھيون تھ سڌا ويا آھيون، سرعام ويا آھيون ۽ ڪڏھن بھ لڪي نھ ويا آھيون. ھن چيو تھ اسان ڪڏھن برقعي ۾ بھ نھ ويا آھيون.

ريحام خان چيو تھ گيٽ نمبر چار يا ھڪ ٻھ ٽي سميت مان ڪنھن بھ گيٽ مان نھ آئي آھيان.

ريحام خان جو ذوالفقار جونيئر بابت تبصرو ۽ ذوالفقار جونيئر جو جواب

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ريحام خان کان جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي باري ۾ سوال ڪيو ويو تھ ھن چيو تھ مان ھن جي باري ۾ ڪجھھ بھ نھ ٿي ڄاڻان، مون کي رڳو اھا خبر آھي تھ ھو مرتضيٰ ڀٽو شھيد جو شايد پٽ آھي، ھو ڪرڻ ڇا ٿو چاھي، ڪٿان آيو آھي، مون کي تھ اھا بھ خبر ناھي تھ ھو پاڪستان ۾ رھي ٿو الائي نھ.

ذوالفقار جونيئر کان جڏھن ڪجھھ صحافين ريحام خان جي ان بيان جو اڌ حصو بيان ڪندي سوال ڪيو تھ ان تي ھن چيو تھ توھان ھن کي ٻڌائي سگھو ٿا تھ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌو درياھھ مان آيو آھي ۽ ٽپو ڏئي زمين تي آيو آھي.

ذوالفقار جونيئر وڌيڪ چيو تھ توھان ھن کي اھو بھ چئي سگھو ٿا تھ مان شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پٽ، شھيد شاھنواز ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جو ڀائيٽيو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پوٽو آھيان ۽ پنج ڇھھ سالن کان درياھھ تي ڪم ڪري رھيو آھيان، ڪنھن کي اھو سوال نھ ڪرڻ گھرجي تھ ڪير آھي ۽ ڪٿان آيو آھي.

ريحام خان جي پارٽي جو لوگو بحثن جو موضوع بڻجي ويو

ريحام خان پاران نئين پارٽي جو اعلان ڪيو ويو تھ سوشل ميڊيا يوزرز کي سندس پارٽيءَ جي لوگو ۽ آمريڪا جي ھوم لينڊ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ جي لوگو ۾ زبردست قسم جي ھڪ جھڙائي نظر اچي وئي. ٻنھي لوگوز کي گڏ رکي ماڻھن پاران دلچسپ تبصرا ڪيا ويا.ڪراچي جي صحافي عبدالجبار ناصر فيس بوڪ تي پنھنجي تبصري ۾ چيو تھ ريحام خان جي پاڪستان ريپبلڪ پارٽي جو لوگو ڏسي لڳي ٿو تھ شايد تڪڙ ۾ آمريڪي اداري جو لوگو کڻي رڳو لفظ تبديل ڪيا ويا آھن.

ماضي ۾ بي بي سي ۽ ٻين نشرياتي ادارن سان واڳيل رھندڙ ريحام خان پھرين شادي 1990 ۾ ڪئي ھئي، جيڪا 2005 ۾ طلاق تي ختم ٿي، ان پھرين شادي مان ريحام خان کي 3 نوجوان ٻارن جي اولاد بھ آھي جيڪا برطانيا ۾ رھائش پذير آھي.

ريحام خان ٻي شادي جنوري 2015 ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ڪئي پر 10 مھينن کانپوءِ ئي آڪٽوبر 2015 ۾ ھنن وچ ۾ طلاق ٿي وئي.

عمران خان سان شادي ۽ طلاق کانپوءِ ئي ريحام خان کي عالمي سطح تي شھرت ملي، ريحام خان ٽئين شادي ڊسمبر 2022 ۾ مرزا بلال بيگ سان ڪئي.

ريحام خان جو تڪراري ڪتاب، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ بابت ڇرڪائيندڙ “انڪشاف”

ريحام خان جو جولاءِ 2018 ۾ آتم ڪھاڻي تي ٻڌل ڪتاب “ريحام خان” منظرعام تي آيو، جنھن ۾ ريحام خان عمران خان سان زال طور گھاريل وقت توڙي پي ٽي آءِ جي اندروني سياست بابت ڪيتريون ئي تڪراري ڳالھيون ڪيون آھن.

ريحام خان ڪتاب ۾ اھا دعويٰ ڪئي تھ شاھ محمود قريشي کي ملتان جا ماڻھو ۽ پي ٽي آءِ جا اڪثر ڪارڪن بيڪار سمجھندا ھئا پر ھو عورتن ۾ گھڻو مقبول ھو، عمران خان ھن کان سخت نفرت ڪندو ھو ۽ نجي ڪچھرين ۾ ھن تي چٿرون ڪندو ھو.

ريحام خان پنھنجي ڪتاب ۾ اھا بھ دعويٰ ڪئي تھ پي ٽي آءِ اندر اسد عمر جي اڳواڻي ۾ ھڪ لابي ڳجھي نموني ڪم ڪري رھي ھئي، ان ۾ شيرين مزاري ۽ نعيم الحق بھ شامل ھئا. ريحام خان ڪتاب ۾ لکيو آھي تھ مان اھو ڄاڻي دنگ رھجي ويس تھ منھنجو مڙس ان عورت لاءِ ڪيڏي خراب زبان استعمال پيو ڪري.

ريحام خان پنھنجي ڪتاب ۾ ھڪ “پيرڻي” جي چوڻ تي عمران خان جي گھر ۾ جادو ٽوڻن وارا ڪم شروع ٿيڻ جو ذڪر ڪندي اھا دعويٰ بھ ڪئي تھ عمران خان پنھنجي اڳوڻي زال جمائما خان لاءِ دل ۾ سخت ڪاوڙ پالي رھيو ھو، ريحام خان جي دعويٰ موجب عمران خان کي ڪاوڙ ھئي تھ  جمائما طلاق کان فورن پوءِ مالي معاملا نبيرڻ لاءِ وڪيلن کي فوري طور ڇو اماڻيو. ريحام خان موجب عمران خان وٽ آمدني جو ڪو ذريعو نھ ھو ۽ جمائمھ امير ھئي، جمائمھ مالي معاملا تڪڙ ۾ اڪلائڻ پئي گھريا تھ جيئن عمران خان سڀاڻي ڪا دعويٰ نھ ڪري سگھي.

ريحام خان جي نئين پارٽي پنھنجي جڳھ ٺاھي سگھندي؟

پاڪستان جو عام ماڻھو ريحام خان کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال طور سڃاڻي ٿو، ھن جي شھرت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ عمران خان سان شادي ۽ عمران خان کان طلاق وٺڻ آھي.

ھن جي لانچ ڪيل نئين جماعت پي آر پي نھ پي ٽي آءِ جيان ڪا عوامي حمايت رکي ٿي ۽ نھ وري پيپلزپارٽي يا نواز ليگ جيان ڪو گرائونڊ رکي ٿي. پاڪستان جي سياست ڪميونٽي سسٽم ۽ لوڪل نيٽ ورڪ تي ھلي ٿي ۽ اھي ٻئي شيون رات پيٽ ۾ حاصل نھ ٿيون ڪري سگھجن. اھڙي صورتحال ۾ پي آر پي ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ پنھنجي جڳھھ ڪيئن حاصل ڪري سگھندي؟

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن توڙي حامين جي نظر ۾ ريحام خان عمران مخالف ايجنڊا جو ھڪ چھرو آھي، ھن جو مغربي لائيف اسٽائيل کيس قدامت پسند ۽ روايت پسند حلقن ۾ مقبول ٿيڻ نھ ڏيندو.

ريحام خان جو “عام ماڻھو بمقابلھ مراعت يافتھ طبقو” وارو بيانيو پرڪشش ضرور آھي پر ملڪ جي معاشي بحران، مھانگائي ۽ ٻين چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن وٽ نھ وسيلا آھن ۽ نھ وري ڪا اھڙي تنظيم آھي. ريحام خان جي نئين پارٽي پي آر پي عوام ۾ پنھنجيون پاڙون کوڙي وٺندي، اھڙي صورتحال ويجھي مستقبل ۾ ٺھندي نظر ڪو نھ پئي اچي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں