رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن جي وزن جو حصو آھي:  وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ رياستي ملڪيتي ادارن جي نڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن جي ويزن جو حصو آھي.

وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، هن پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو نجڪاري انتهائي ڪاميابي سان طئي ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔

وزيراعظم چيو تہ حڪومت ۾ اچڻ سان ئي عزم ڪيو هو تہ خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، پي آءِ اي جي نجڪاري ان حوالي سان اهم ڪاميابي آهي، رياستي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري ويزن جو حصو آهي۔

شهباز شريف چيو تہ ھلندڙ سال جي پھرين ٽہ ماھي ۾ ملڪ جي، جي ڊي پي ۾ خاطرخواھ اضافو سٺو سنوڻ آھي، اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان معاشي استحڪام تائين پھچايو.

وزيراعظم تازو يو اي ايِ صدر سان ملاقات کي انتھائي ڪارآمد قرار ڏنو، اجلاس ۾ وزيراعظم گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد سان ٽيليفون ذريعي ڪيل ڳالهہ ٻولهہ جو بہ ذڪر ڪيو۔

وزيراعظم چيو تہ سعودي ولي عهد سان ڳالهہ ٻولهہ ۾ ٻنهي ملڪن جي معاشي ۽ حڪمت عمليءَ وارن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو

پڌرائي موجب وفاقي ڪابينا سي سي ايل سي جي فيصلن ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيرٽري لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس جي حوالي سان ڪارروائي جي بہ منظوري ڏني.

وفاقي ڪابينا اي سي سي جي فيصلن ۽ آف گريڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس ليوي جي حوالي سان ورھاست ڪندڙ ڪمپنين جي صارفين کي رليف مهيا ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني.

ڪابينا ٿرڊ پارٽي طرفان آف گريڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گيس وڪرو ۽ صدارتي حڪم نامو جاري ڪرڻ لاءِ  ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں