روما رياض مس یونیورس 2025 ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آھي.
برطانوي ڄائي پاڪستاني ماڊل روما رياض عالمي حسن جي سڀ کان وڏي مقابلي، مس یونیورس 2025 ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي عالمي اسٽيج تي شاندار ڊيبيو ڪيو، هي ميگا ايونٽ ٿائلينڊ ۾ ٿيو، جتي دنيا جي 70 کان وڌيڪ ملڪن جي خوبصورت عورتن حصو ورتو.
روما رياض کي تازو ئي مس یونیورس پاڪستان 2025 جو تاج پھرايو ويو ھو، جنهن کانپوءِ کيس سرڪاري طور پاڪستان جي نمائندہ بڻائي مس یونیورس جي پليٽ فارم تي موڪليو ويو، انتظاميہ موجب روما کي بااعتماد شخصيت، سماجي ڪمن ۽ مضبوط بيان جي ڪري چونڊيو ويو.
روما رياض ڪير آھي؟
مِس يونيورس روما رياض لاهور ۾ ڄائي، روما جي پرورش پاڪستان، سعودي عرب ۽ برطانيه ۾ ٿي، هن اسٽاڪ پورٽ جي ايڪوينس ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ِ مانچسٽر ميٽروپوليٽن يونيورسٽي مان ڪاروبار، انتظام ۽ مارڪيٽنگ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪيائين، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، هن مانچسٽر ۾ فيشن رٽيلر بوھو ۾ ميرچنڊائزنگ ايڊمنسٽريٽو اسسٽنٽ طور ڪم شروع ڪيو، ۽ پوءِ اسسٽنٽ مرچنڊائزر طور ترقي ملي.
رنگ ۽ نسل کان مٿانهين خوبصورتي جو پيغام
روما رياض مس یونیورس ۾ شرڪت دوران صرف فيشن تائين محدود نہ رھي پر دنيا سامهون هڪ مضبوط سماجي پيغام پڻ پيش ڪيو، هوءَ خاص طور تي “ڪلر ازم” يعني رنگ جي بنياد ۽ خوبصورتي جي معيار جي حوالي آواز اٿاري رھي آهي، سندس چوڻ آھي تہ ڏکڻ ايشيا ۾ چٽي رنگ کي خوبصورتي جو معيار سمجهڻ جو رجحان تبديل ٿيڻ گھرجي، روما ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ واضح ڪيو تہ هوءَ پنهنجي سانوري رنگ ۽ پاڪستاني پنجابي مسيحي سڃاڻپ تي فخر محسوس ڪري ٿي، ان جو اھو جملو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيو تہ “هي تاج انهن سڀني لاءِ جواب آهي، جن چيو تہ مان ايتري سانوري آهيان جو پاڪستاني نہ لڳندي يا مسيحي هجڻ سبب ‘واقعي پاڪستاني’ نہ آهيان.
پاڪستاني عورتن جي نئين تصوير
مبصرن روما رياض جي مس یونیورس ۾ شرڪت کي پاڪستاني عورتن لاءِ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏئي رھيون آھن، سندن چوڻ آهي تہ روما عالمي اسٽيج تي ثابت ڪيو تہ پاڪستاني عورتون صرف خوبصورت نہ پر تعليم يافتہ، بهادر، بااخلاق ۽ مقصد رکندڙ بہ آهن.
روما رياض اڳ ۾ ئي مختلف پليٽ فارمز تي عورتن جي تعليم، خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڇوڪرين جي اسڪول وڃڻ ۽ خودمختياري جي حق ۾ آواز اٿاريندي رھي آھي، ھن مس یونیورس جي اسٽيج کي پڻ انهي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو تہ جيئن دنيا ۾ پاڪستان جو ھاڪاري ۽ باوقار تاثر اجاگر ٿي سگهي.
مس يونيوورس 2025 بابت وائرل وڊيو ۽ تڪرار
روما رياض (مس يونيوورس پاڪستان 2025) ۽ مانيڪا وشواڪرمہ (مس يونيوورس انڊيا 2025) جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن بعد وڏي بحث ڇڙي وئي آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ ٻئي ماڊلز اسٽيج تي ڳالهائيندي نظر اچن ٿيون، پر ڪيترن ماڻهن کي لڳو تہ ٻنهي وچ ۾ ٿورو تڪرار يا ٽينشن آهي، ان ڳالهہ کي سوشل ميڊيا تي وڌائي پيش ڪيو ويو ۽ ماڻهن جي مختلف راءِ سامهون آئي، روما رياض کي اڳ بہ پنهنجي رنگ بابت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، مانيڪا وشواڪرمہ کي تازو تاج پائڻ کان بعد ڪارڪردگي ۽ روين بابت جانچيو پيو وڃي.
💬
وائرل وڊيو تي عوامي ردعمل
روما رياض جا حامي چون ٿا تہ هوءَ حقيقي ۽ قدرتي خوبصورتي جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ رنگ پرستي خلاف مثال آهي، ٻئي پاسي تنقيد ڪندڙ چون ٿا ته وڊيو ۾ ٻنهي جي وچ ۾ غير دوستاڻو لمحو نظر آيو.
سوشل ميڊيا تي ردعمل باوجود حوصلا بلند
مس یونیورس ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي اعلان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي روما رياض کي حمايت سان گڏ تقنيد کي منھن ڏيڻو پيو، پر ان پُراعتماد انداز ۾ جواب ڏيندي چيو تہ هوءَ هر ان شخص لاءِ اميد بڻجڻ چاھي ٿي جنهن کي ڪڏھن بہ سندس رنگ، جسماني طور يا پس منظر جي سبب گهٽ سمجهيو ويو هجي.
سوشل ميڊيا صارفين جي وڏي تعداد ان کي ساراهيو ۽ لکيو تہ رومه رياض ثابت ڪيو آهي تہ پاڪستان جي حقيقي تصوير نسل ۽ رنگ جي فرق مٿانھين آھي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ خوبصورتي جا معيار نئين سر پرکيا وڃن،
عالمي سطح تي پاڪستان جو ھاڪاري تاثر
تجزيہ نگارن موجب مس یونیورس 2025 ۾ روما رياض جي شرڪت نہ رڳو فيشن يا شوبز انڊسٽري لاءِ اهم نہ آهي پر اهو پاڪستان جي عالمي تاثر کي پڻ مضبوط بڻائيندو، هوءَ پنهنجي لباس، اندازِ گفتگو ۽ سماجي موقف ذريعي دنيا کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھي آهي تہ پاڪستان جي نئين نسل وڌيڪ روادار، خوداعتماد ۽ عالمي سوچ سان جڙيل آهي.
روما رياض جي هي شاندار اڳڀرائي لکين پاڪستاني نوجوانن، خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ هڪ مثال بڻجي وئي آهي، جيڪي پنهنجي اصلي سڃاڻپ ۽ رنگ سان عالمي سطح تي اڳتي وڌڻ جو خواب ڏسن ٿيون.