روس ۾ 8.8 جو طاقتور زلزلو، مختلف ملڪن ۾ سونامي جو خطرو

فہرستِ مضامین

ماسڪو: (ويب ڊيسڪ) روس ۾ ڏور اوڀر جي ساحلي علائقي ۾ 8.8 جي شدت سان آيل طاقتور زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آھي، مختلف علائقن مان ماڻھن کي لڏپلاڻ جون وارننگس بھ جاري ڪيون ويون آھن.

آمريڪي جيولاجيڪل سروي مطابق زلزلي جو مرڪز ٻيٽ نما علائقو ڪماچتڪا ھو، زلزلي جي نتيجي ۾ عمارتن کي نقصان پھتو آھي ۽ ڪيترائي ماڻھو زخمي بھ ٿي پيا آھن.

زلزلي جي شدت 8.8 ريڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز پيٽروپالووسڪ شھر کان 136 ڪلوميٽرز پري وارو علائقو ھو. زلزلي جي نتيجي ۾ ڪماچتڪا جي مختلف حصن ۾ سمنڊ اندر 3 کان 4 ميٽرز تائين اوچيون ويرون چڙھي آيون.

طاقتور زلزلي ۽ سونامي جون لھرون اٿڻ سبب ڊيڊ سي جي مختلف علائقن مان ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن.

ڪماچتڪا جي گورنر ولاديمير سوڊوف پنھنجي وڊيو بيان ۾ چيو آھي تھ اڄوڪو زلزلو انتھائي سنگين ھو ۽ ڪيترن ئي ڏھاڪن کانپوءِ اھو سڀ کان وڏو جھٽڪو ھو.

ڪماچتڪا جي جيو فزيڪل سروس جو چوڻ آھي تھ 1952 کانپوءِ اھو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور زلزلو آھي، زلزلي جي نتيجي ۾ سمنڊ اندر اٿيل سونامي جون لھرون بحرالڪاھل تائين پکڙجي ويون آھن.

جاپان جي موسمياتي ايجنسي وارننگ ڏيندي چيو آھي تھ طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ مختلف ساحلي علائقن تائين سونامي جون 10 فوٽ کان اوچيون لھرون اٿي سگھن ٿيون.

جاپان، ھوائي ۽ ٻين علائقن ۾ خطري جا الرٽ

جاپان ۾ بحرالڪاھل جي ساحلي پٽي وارن شھرن ۾ سونامي جا الارم وڄايا ويا آھن ۽ ماڻھن کي اوچن ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ويو آھي.

جاپان جي فوڪوشيما واري ان ايٽمي پلانٽ مان بھ ماڻھن کي ڪڍيو ويو آھي، جتي 2011 واري سونامي کانپوءِ تابڪاري جو حادثو پيش آيو ھو، جاپاني اختيارين جو چوڻ آھي تھ اڃا تائين ڪنھن بھ ايٽمي پلانٽ کي ڪو نقصان نھ پھتو آھي.

ھوائي ۽ ٻين علائقن ۾ بھ خطري جا سائرن وڄايا ويا آھن، ھونو لولو ايمرجنسي مينيجمينٽ ڊپارٽمينٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي رکيل ھڪ پوسٽ ۾ خبردار ڪيو آھي تھ تباھھ ڪندڙ سونامي جون لھرون اچڻ جي اميد آھي، تنھن ڪري فوري قدم کڻو.

وارننگ ۾ چيو ويو آھي تھ ھيٺاھين وارن علائقن جا رھواسي يا تھ مٿانھين وارن علائقن ڏانھن وڃن يا ڪنھن عمارت جي چوٿين ماڙ تي پناھھ وٺن.

لاطيني آمريڪا، چين ۽ ٻين علائقن تي به اثر

روس ۾ آيل طاقتور زلزلي جي جھٽڪن جا اثر لاطيني آمريڪا، چين ۽ ٻين ملڪن تائين بھ محسوس ڪيا ويا آھن.

مئڪسيڪو جي نيوي خبردار ڪندي چيو آھي تھ اولھھ ۾ باجا ڪيليفورنيا کان ڏکڻ ۾ چياپاس تائين بندرگاھن تي تيز لھرون اچڻ جو خدشو آھي، حڪومت سمورن ادارن کي الرٽ ڪندي چيو آھي تھ شھرين کي بحرالڪاھل جي ساحلن کان پري رکيو وڃي.

پيرو ۾ بھ سونامي جي خطري جي وارننگ جاري ڪئي وئي آھي، پيرو نيوي جي نيشنل سونامي وارننگ سينٽر جو چوڻ آھي تھ روس ۾ زلزلي کانپوءِ پيرو ۾ بھ سونامي جون لھرو اٿڻ جو خطرو آھي.

ايڪواڊور ۾ اختيارين گالاپا گوس ٻيٽن تان ماڻھن کي حفاظتي اپائن طور ٻاھر نڪري اچڻ لاءِ چيو آھي ۽ سموريون سامونڊي سرگرميون معطل ڪيون ويون آھن.

چين جي سونامي وارننگ سينٽر پاران چيو ويو آھي تھ سندن اوڀر ساحلي علائقن ۾ 30 سينٽي ميٽر کان ھڪ ميٽر تائين جون اوچيون سامونڊي لھرون اٿي سگھن ٿيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں