اسلام آباد : روس پاڪ-ڀارت ۽ -پاڪ افغان تڪرارن ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي آھي
پاڪستان ۾ مقرر روسي سفير البرٽ خوريف اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو تہ روس، پاڪستان، ڀارت ۽ پاڪستان،افغانستان تڪرارن جي حل لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ تيار آھي.
روسي ميڊيا موجب روسي سفير جو چوڻ ھو تہ روس کي علاقائي سلامتي خاص طور افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي آھي.
روسي سفير جو چوڻ ھو تہ ڏکڻ ايشيائي مملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ اڪثر پرڏيھي قوتن سبب ٿيندي آھي، روس علاقائي امن ۽ دھشتگردي خلاف قدمن جي حمايت ڪري ٿو، علاقائي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ سھڪار جاري رکڻ جي حمايت ڪيون ٿا.
البرٽ خوريف جو چوڻ ھو تہ روس پاڪستان کي اھم علاقائي ڀائيوار طور ڏسي ٿو، پاڪستان صدر پيوٽن جي گريٽريوريشين پارٽنر وزن تحت اھم علاقائي حيثيت رکي ٿو.
روسي سفير وڌيڪ چيو تہ صدر پيوٽن جي وزن تحت علاقائي مسئلا علاقائي ڌرين کي ئي حل ڪرڻ گھرجن….