ڊبليو ٽي اين ڊاٽ سنڌي
آمريڪا جَي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪو معاهدو ناهي ٿيو پر روسي صدر ولاديمير پوتن سان يوڪرين معاملي تي اڳڀرائي ضرور ٿي آهي.
الاسڪا ۾ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات بعد ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته اسان ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيا آهيون.
روسي صدر پيوتن جو چوڻ هو ته هو هِن تڪرار جي خاتمي لاءِ نيڪ نيتي ۽ دلچسپي رکن ٿا، پر هُن وڌيڪ تفصيل نه ڏنا، جڏهن ته ٽرمپ ۽ پيوتن ٻنهي ان حوالي سان سوالن جا جواب نه ڏنا.
ڳالهين کانپوءِ هڪ انٽر ويو ۾ صدر ٽرمپ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي تي زور ڏنو ته هو ڪو معاهدو ڪري.
”ٽرمپ ۽ پيوتن جي ملاقات انتهائي مثبت رهي“
ٻنهي صدرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي پر صحافين جَي سوالن جا جواب نه ڏنا.

ملاقات کان اڳ ٻنهي صدرن ايئرپورٽ تي ٿيل ملاقات دوران تمام گهڻي گرمجوشي ڏيکاري ۽ ٻنهي 2 ڀيرا هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ پوءِ ٽرمپ جي ليموزين ڪار ۾ سوار ٿي ملاقات واري هنڌ روانا ٿي ويا.
ٻئي طرف ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف ٽرمپ ۽ پيوتن جي ملاقات کي انتهائي مثبت قرار ڏنو آهي.
روسي خابرو اداري آر آءِ اي نووستي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻنهي صدرن طرفان سوالن جا جواب نه ڏيڻ واري معاملي تي وضاحت ڪئي آهي ته جڏهن ٻنهي اڳواڻن مڪمل بيان ڏنا ته کين سوالن جا جواب ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي.
”لڳي ٿو ته امن بابت ڪا اڳڀرائي حاصل ناهي ٿي“
بي بي سي جي جي نمائندي موجب، اهو شخص جيڪو پاڻ کي ”امن جو سفير“ ۽ ڊيل ميڪر“ طور پيش ڪرڻ پسند ڪندو آهي، ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته هو الاسڪا مان امن بابت ڪا اڳڀرائي حاصل نه ڪري سگهيو آهي.
بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته سالن جي ڪوششن باوجود به روسي صدر جي ذهن کي ڪير بدلائي نه سگهيو آهي.
واضح رهي ته ولاديمير زيلنسڪي کي سربراهي اجلاس ۾ دعوت نه ڏني وئي هئي، پر روسي صدر سان ملاقات کانپوءِ صدر ٽرمپ چيو ته هاڻي اها ڳالهه صدر زيلنسڪي تي ڀاڙي ٿي ته هو يورپي ملڪن جي شموليت سان ڪهڙي نموني معاهدو ڪري ٿو.
ٽرمپ ملاقات جي نتيجن کي 10 مان 10 نمبر ڏنا
ان کان اڳ صدر ٽرمپ چيو هو ته هُو ڳالهين بعد يوڪرين جي صدر ۽ يورپي اڳواڻن کي فون ڪندو، ٽرمپ اِنهن ڳالهين کي 10 مان 10 نمبر ڏنا ۽ چيو ته اسان جِي ملاقات زبردست رهي.
هن چيو ته هاڻي روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي جنهن ۾ روسي صدر پيوتن ۽ يوڪريني زيلينسڪي ٻئي شامل هوندا.
ملاقات کانپوءِ فوڪس نيوز تي نشر ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ظاهري طور تي معاهدو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي جنهن ۾ جنگي قيدين جي مٽا سٽا شامل ٿي سگهي ٿي.
ٽرمپ چيو ته کيس 50/50 جي اميد آهي ڇاڪاڻ ته گهڻيون شيون ٿي سگهن ٿيون، گڏوگڏ هُن چيو ته منهنجي خيال ۾ صدر پيوتن اهو مسئلو حل ڪرڻ چاهي ٿو.

صدر ٽرمپ چيو ته وٽس اهڙن هزارين ماڻهن جي فهرست آهي، جيڪا کيس پيش ڪئي وئي، جن ۾ هزارين قيدي آهن، جيڪي آزاد ٿي ويندا.
ميزبان هينٽي سوال ڪيو ته ڇا هي اُهو معاهدو هو، جنهن تي اڄ اتفاق ٿيو؟ صدر ٽرمپ جواب ڏنو ته هو اڃا تائين التوا جو شڪار آهي، تنهن هوندي به هن چيو ته اِهو انهن کي اهو قبول ڪرڻو پوندو.
ٽرمپ کي يوڪرين جي فيصلي تي ڪچ پڪ ڇو؟
ياد رهي ته صدر ٽرمپ جو فوڪس نيوز سان انٽرويو ملاقات کان اڳ رڪارڊ ٿيل هو، جنهن ۾ ٽرمپ کان پڇيو ويو ته سندس خيال ۾ يوڪرين ۾ جنگ ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟، ڇا زمين جي حوالگي مسئلي جو حل آهي؟
جواب ۾ ٽرمپ چيو ته انهن نقطن تي پيوتن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ گهڻي حد تائين اتفاق به ٿيو.
ٽرمپ چيو ته اها هڪ “تمام پرجوش ملاقات” رهي، سندس خيال ۾ “اسان هڪ معاهدي جي تمام ويجهو پهچي ويا هئاسين، پر، ٽرمپ اهو به چيو ته يوڪرين کي ڪنهن به معاهدي تي راضي ٿيڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو اُهي نه به ڪن.
آمريڪي صدر ٽرمپ يوڪرين جَي صدر زيلينسڪي تي معاهدو ڪرڻ لاءِ زور ڏيندي نظر آيو.