لائیو روس جي ايران جي ايٽمي پلانٽ مان وڌيڪ عملي جا 198 ڄڻن کي واپس گھرائي ورتو

فہرستِ مضامین

ايران جي بوشھر ايٽمي پاور پلانٽ تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي بعد روس جي سرڪاري جوھري ڪمپني پلانٽ مان پنھنجي عملي جي وڌيڪ 198 ماڻھن کي ڪڍي ورتو آھي.

روسي جوھري ڪمپني جي سربراھ جو چوڻ آھي تہ بوشھر پلانٽ جي ڀرپاسي بدترين صورتحال کي نظر ۾ رکندي عملي کي ڪڍيو ويو آھي .

ھن چيو تہ پلانٽ جي حدن ۾ حملي سبب مارجي ويل عملي جو شخص ايراني شھري ھو.

جوھري ڪمپني جي سربراھ وڌيڪ چيو تہ پلانٽ جي صورتحال کان روسي صدر کي آگاھ ڪيو ويو آھي.

پرڏيھي ميڊيا موجب ايران جي بوشھر جوھري پلانٽ تي گذريل ڏينھن ٿيل حملي ۾ ھڪ شخص مارجي ويو ھو.

ٻئي پاسي ايران ايٽمي پلانٽ ويجھو مسلسل حملن بعد گڏيل قومن کي خط لکي آگاھ ڪري ڇڏيو آھي.

ايراني پرڏيھي وزير خط ۾ بوشھر جوھري پلانٽ ويجھو چوٿين حملي سبب تابڪاري جو خطرو ظاھر ڪيو آھي .

پرڏيھي وزير سوشل ميڊيا تي بہ جاري بيان ۾ خبردار ڪيو تہ ايراني جوھري پاور پلانٽ مان تباڪاري ٿي تہ نہ رڳو ايران پر نار جي ملڪن ۾ بہ زندگين جو خاتمو ٿيندو.

ھن چيو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي بوشھر نيوڪليئر پلانٽ تي چار ڀيرا حملا ڪري چڪا آھن، ايران جي پيٽروڪيميڪل تنصيبات تي حملا آمريڪا ۽ اسرائيل جي اصل مقصدن جي نشاندھي ڪن ٿا………..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں