روس جو دورو ملتوي، وزيراعظم اھم اجلاس طلب ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزیراعظم شھباز شریف خطي جي موجودہ سيڪيورٽي صورتحال تي اجلاس طلب ڪري ڇڏيو آهي،اجلاس ۾ اعليٰ عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهہ پڻ شامل ٿيندا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ افغانستان ۽ ايران سميت خطي جي ٻين ملڪن جي سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.

موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي پاليسي بابت پڻ اهم مشاورت ٿيندي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان پنهنجي موقف سان لاڳاپيل گائيڊ لائن پڻ تيار ڪندو.

ان کانسواءِ وزیراعظم شھباز شریف روس جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم کي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو دورو ڪرڻو ھو.

پاڪستان ماسڪو کي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي تہ موجوده صورتحال ۾ دورو ممڪن نہ آهي، خطي جي موجوده صورتحال تي پاڪستان ۾ ٿوري دير ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيندو.

ذريعب موجب اجلاس ۾ آيت الله خامنہ اي جي آخري رسمن ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں