ڄامشورو+ واھي پانڌي+ٽنڊو رحيم خان جي نمائندن وٽان
پيپلز پارٽي ايم اين اي رفيق احمد جمالي پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿي ويو آھي، پيپلز پارٽي ڪارڪن توڙي رفيق جمالي جي حامين پاران ڄامشورو کان دادو تائين ريلي ڪڍي پئي وڃي..
ريلي ۾ شرڪت لاءِ دادو جوهي، ميهڙ، ڪي اين شاهه، واهي پانڌي، ڪَڪڙ، قصبو، ڇني، ٽنڊو رحيم خان، ڀان سيد آباد سميت مختلف علائقن مان هزارين ڪارڪن قافلن سان ريلي ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿيا..
رفيق احمد جمالي جي آجيان لاءِ ڄامشورو، سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد ۾ آجياڻيون ڪئمپن قائم ڪيون ويون.
رفيق احمد جمالي ڄامشورو کان دادو تائين پيپلزپارٽي ڪارڪنن پاران سندس آجيان لاءِ قائم ڪيل استقبالي ڪئمپن ۾ موجود ڪارڪنن کي خطاب پڻ ڪندو..
رفيق جمالي جي آجيان لاءِ ڪيمپس قائم
ڄامشورو ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي رفيق جمالي چيو تہ آئون پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو اعتماد ڪرڻ ۽ پارٽي عھدو ڏيڻ تي ٿورائتو آھيان.
پارٽي قيادت جي فيصلي کي عوام ڀرپور موٽ ڏني آھي، پھرين بہ پارٽي عھدي کي ڀرپور نموني نڀايو اڳتي بہ اھو تسلسل جاري رھندو.
ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر سرفراز ڪوريجو سان ڳالھہ ٻولھہ ڪندي رفيق جمالي چيو تہ جھڙي طرح ڪارڪنن ڄامشورو ۾ آجيان ڪئي آھي آئون سندن ٿورائتو آھيان، پ پ جي پليٽ فارم تي ايڏي آجيان ڪنھن جي بہ ناھي ٿي، عزت ڏيڻ تي آئون سمورين برادرين ۽ ڪارڪنن جو شڪر گذار آھيان.
خطري جي ڳالھہ ناھي، پاڻي ڪراس ڪري ويندو
ٻوڏ جي صورتحال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سردار رفيق جمالي چيو تہ خطري جي ڳالھہ نہ آھي، پاڻي جو وھڪرو5 لک ڪيوسڪ تائين اچي پيو خيريت سان نڪري ويندو.
سرفراز ڪوريجو پاران ايم اين وي ڊرين کي 2022 دوران لڳل گھارا ۽ ڪٽ بند نہ ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ رفيق جمالي چيو تہ اھا درست ڳالھہ آھي اھي گھارا ۽ ڪٽ اڃا تائين ٻڌجي ناھن سگھيا، آئون ان معاملي تي اسيمبلي فلور ۾ بہ ڳالھايو ھو تہ ھينئر ٻوڏ جو خطرو آھي، ايم اين وي ڊرين سدائين 3 شھرن ڄامشورو، دادو ۽ قمبر، شھدادڪوٽ کي نقصان ڏنو آھي، اھو فيڊرل کاتو آھي واپڊا اسڪارپ جو جيڪو ان معاملي کي ڏسندو آھي، اسان وزيراعظم کي گذارش ڪئي تہ فنڊز جاري ڪريو جيئن اسان اتي پچنگ ۽ ٻيو مرمتي ڪم ڪرايون..