سکر-ملتان موٽر وي تي پنجاب جي ضلعي رحيميار ۾ ڦرلٽ ۽ اغوا جو واقعو پيش آيو، جتي وزير آباد انٽرچينج وٽ هٿياربندن موٽروي تي مسافر گاڏين کي روڪيو۽ ڦرلٽ شروع ڪئي، مزاحمت تي چار مسافر زخمي ٿي پيا، مسافرن ٻڌايو ته هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا به ڪري ويا آهن.
ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر اصغر مهر موجب سکر-ملتان موٽروي تي رات دير سان واقعو پيش آيو، ڏوھاري موٽروي تي چڙهي آيا، روڊ جي ٻنهي پاسن تي گاڏين کي هٿيارن جي زور تي روڪيندا رهيا، مسافرن کان ڦرلٽ ڪئي وئي، جڏهن ته فائرنگ به ڪئي وئي.
ڏوھارين جي فائرنگ سبب مسافر بس، ايمبولينس ۽ ٻين گاڏين کي نقصان پھتو آھي. اکين ڏٺن شاھدن موجب ڏوھاري فائرنگ بعد گاڏين ۾ سوار مسافرن کان موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا آھن.
واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته هٿياربند نوابشاھه واسي عمر ۽ عمران علي کي اغوا ڪري ويا آھن، جڏھن ته گوليون لڳڻ سبب عورت ۽ ٻارڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ڦر ۽ اغوا واري واقعي بعد موٽروي پوليس اعظم پور سروس ايريا ۽ گڊو انٽر چينج وٽ ٽريفڪ کي عارضي طور روڪي ورتو.
پوليس موجب گاڏين مٿان فائرنگ بعد جوابدار ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن، سندن پيڇو ڪيو پيو وڃي.