ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ۾ هر سال نوان چهرا متعارف ٿين ٿا، پر پراڻن چهرن، خاص طور تي اھي جيڪي سپر اسٽار سڏجن ٿا، انهن جي فلمن جو مداحن کي بي صبريءَ سان انتظار هوندو آهي. جڏهن فلم سپر اسٽار رجني ڪانٿ جي هجي ته ان انتظار جو مزو ئي ٻيو هوندو آهي.
سائوٿ انڊيا جو بي تاج بادشاهه رجني ڪانٿ پنهنجي الڳ انداز، خاص اسٽائل ۽ ڳالهائڻ جي مخصوص طريقي سبب تمام گهڻو مشھور آهي، فلم “ شواجي رائو” ۾ سندس ڪردار ايترو ته مشهور ٿيو، جو ماڻهو کيس “شواجي رائو“ جي نالي سان سڏڻ لڳا.
74 ورهين جو رجني ڪانٿ تقريبن ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ ٻيهر فلمي پردي نظر اچي رھيو آھي. سندس 2023ع ۾ رليز ٿيل فلم “جيلر” به وڏي ڪاميابي ماڻي هئي، جنهن سڄي دنيا ۾ 650 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو. هاڻ ان فلم جو ٻيو حصو به رليز ٿيڻ وارو آهي.
ھڪ فلم ۾ 4 سپر اسٽار
هن ڀيري رجني ڪانٿ نئين انداز سان فلم “ قـُلي” ۾ نظر ايندو، پر فلم ۾ هو اڪيلو هيرو نه هوندو، ساڻس گڏ 3 وڏا سپر اسٽارز عامر خان، ناگا ارجن ۽ اپيندر رائو به فلم ۾ جلوه گر ٿيندا، فلم ۾ شروتي هاسن هيروئن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته اداڪارا پوجا هيگڙي فلم ۾ مهمان اداڪارا طور نطر ايندي.
سن پڪچرز جي بينر هيٺ ٺهندڙ هن فلم جي بجيٽ 400 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ آهي. فلم جي ڪهاڻي، ڊائريڪشن ۽ اسڪرين پلي لوڪيش ڪناگراج ڏني آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي ليو، وڪرم، ڪائٿي ۽ ماسٽر جهڙين سپر هٽ فلمن جي هدايتڪاري ڪري چڪو آهي.
فلم “قُلي” 14 آگسٽ تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي، جنهن جو مقابلو يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم” وار 2” سان ٿيندو، جنهن ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار هريتڪ روشن ۽ سائوٿ سپر اسٽار جونيئر اين ٽي آر (نندا موري ترڪا راما رائو) مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
آگسٽ مھينو رجني ڪانٿ لاءِ اھم ڇو؟

آگسٽ 1975ع ۾ رجني ڪانٿ جي پهرين فلم “ابھوروا راگنگل” رليز ٿي هئي، جنهن ۾ هن مختصر ڪردار ادا ڪيو هو، اھڙي ريت رجني ڪانٿ کي فلم انڊسٽري ۾ 50 سال مڪمل ٿي ويا آهن، فلم “قُلي” کي ان ئي يادگار ڏينهن تي رليز ڪيو ويندو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس آخري فلم “جيلر” به آگسٽ ۾ رليز ٿي هئي، جيڪا بلاڪ بسٽر ثابت ٿي.
فلم جي ڪهاڻي
فلم جي ڪهاڻي بابت ٽيم خاص احتياط ۽ رازداري سان ڪم وٺي رهي آهي، تنهن ڪري تمام گهڻي معلومات سامهون نه آئي آهي. پر ٽريلر مان ايترو ضرور اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ پوڙهو سون جو اسمگلر، پراڻين سونهن واريون گهڙيون، جن ۾ لڪيل چوري ٿيل ٽيڪنالاجي آهي، ان کي استعمال ڪري پنهنجي پراڻي مافيا گروهه کي ٻيهر زنده ڪري ٿو. پر جڏهن هو پنهنجي سلطنت واپس وٺڻ جو منصوبو رکي ٿو، ته هو پاڻ کي هڪ اهڙي نئين دنيا جي اڏاوت جو حصو بڻائيندو آهي، جيڪا جرم، لالچ ۽ بگڙيل وقت سان ڳنڍيل هوندي آهي.”
ڇا واقعي فلم جي ڪھاڻي اھڙي ھوندي، ان لاءِ مداحن کي 14 آگسٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو.