راڻيپور ڀرسان مبينا مقابلي ۾ 2 مبينا ڏوھاري مارجي ويا آھن.
پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ سوڀوديرو لنڪ روڊ تي مقابلي ۾پنجاب واسي 2 ڏوھاري مارجي ويا آھن.
پوليس موجب مارجي ويل ڏوھاري عاقب اشرف ۽ علي اشرف گاڏھي جو تعلق گوجرانولا جي شھر ڪاموڪي سان آھي.
پوليس ڏوھاري تر جي بدنام ڌاڙيل شريف ۽ نفيس شاھاڻي سان گڏجي وارداتون ڪندا ھئا .
پوليس اھا بہ دعويٰ ڪئي آھي تہ مارجي ويل جوابدار ڪجھ ڏينھن اڳ ٽيڪر ڪالوني ۾ سائين ڏنو ڪلھوڙو جي گھر مان لڳل ڌاڙي ۾ ملوث ھئا…….