راولپنڊي: ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 7 خارجي دھشتگرد مارجي ويا، جڏھن تہ پاڪ فوج جي هڪ بهادر جوان نائيڪ ياسر خان شھادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪلاچي ۾ ڀارتي پراڪسي گروپ فتنہ الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ۾ ڪيو.
آپريشن ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم فتنہ الخوارج جا 7 دھشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو .
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنھن ۾ ھڪ جوان نائيڪ ياسر خان شھادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ دھشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرزم آھي، دهشتگردي جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو…..