دوحہ: رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پھچي ويو
دوحہ ۾ پاڪستان شاهينز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهيون.
غازي غوري 39، معاذ صداقت 23، سعد مسعود ۽ احمد دانيال 22-22 رنسن سان اڳڀرا رھيا
جواب ۾ سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان سفيان مقيم ۽ سعد مسعود 3-3، عبيد شاهه، شاهد عزيز ۽ احمد دانيال هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ آچر تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏيو ويندو…