4 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏينهن آهي، جڏھن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏئي تاريخ جو هڪ اهم باب بند ڪيو ويو، ڀٽو جو سياسي سفر نہ رڳو پاڪستان پر ڏکڻ ايشيا جي سياست تي گهرو اثر ڇڏيندڙ رھيو.
ولادت ۽ خانداني پسمنظر
ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي جي بااثر زميندار خاندان ۾ پيدا ٿيو، سندس والد سر شاهنواز ڀٽو سنڌ جي اهم سياسي شخصيتن مان هو.
ننڍپڻ ۽ تعليم
ڀٽو ابتدائي تعليم بمبئي ۽ پوءِ ڪراچي ۾ حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءِ آمريڪا ويو جتي هنUniversity of California, Berkeley مان پوليٽيڪل سائنس پڙھي پوءِ Oxford University مان قانون جي تعليم حاصل ڪئي، هو ذهين، بااعتماد ۽ بحث مباحثي ۾ مهارت رکندڙ شاگرد هو.
وڪالت ۽ شروعاتي پيشوراڻي زندگي
تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڀٽو لنڊن ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ پاڪستان موٽي اچي ڪجھ عرصي تائين قانون جي شعبي سان واڳيل رهيو. جلد ئي هن جو رخ عملي سياست ڏانهن ٿيو.
عملي سياست ۾ داخل ٿيڻ
ڀٽو جو سياسي ڪيريئر اسڪندر مرزا جي دور ۾ شروع ٿيو، پر اصل اڀار کيس ايوب خان جي دور ۾ مليو، جتي، هن واپار، توانائي ۽ صنعتن جي وزير طور ڪم ڪيوپوءِ پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيو
تاشقند معاهدو ۽ اختلاف
1965ع جي جنگ بعد تاشقند معاهدو ٿيو، جتي ڀٽو بطور پرڏيهي وزير اهم ڪردار ادا ڪيو، پر هن معاهدي تي عوامي سطح تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ اتان ڀٽو جا ايوب خان سان اختلاف وڌي ويا، آخرڪار هو حڪومت کان ڌار ٿي ويو
پيپلزپارٽي جو قيام (1967)
1967ع ۾ ڀٽو لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جو بنياد وڌو، پارٽي جو نعرو اٽو لٽو ۽ اجھو ھو، ان نعري جلد ئي عوامي سطح تي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي.
1970 جون چونڊون ۽ بنگال جو بحران
1970ع ۾ پاڪستان جون پهريون عام چونڊون ٿيون، اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي آئي، اولهه پاڪستان ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀٽو جي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي ۽ سرحد ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي( نيپ) ڪامياب ٿي. اڪثريتي پارٽي عوامي ليگ کي اقتدار نه ملڻ جي صورت ۾ اختلافن وڌي ويا ,بنگال ۾ فوج ڪشي ٿي جنهن سبب ملڪ ٽٽي پيو ۽ 1971ع ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو.
ڊسمبر 1971ع ۾ ڀٽو اقتدار سنڀاليو، صدر بڻيو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيو
1973 جو آئين
ڀٽو جي دور جو سڀ کان وڏو ڪارنامو، اتفاق راء سان 1973 جو آئين ٺاهڻ هو . ان سان ملڪ ۾ پارلياماني نظام بحال ٿيو
عالمي سفارتڪاري ۽ اهم فيصلا
ڀٽو عالمي سطح تي به سرگرم رهيو، 1974ع ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس لاهور ۾ ڪرائي، ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي، آمريڪي وزير خارجه هينري ڪسنجرسان تڪرار ٿيو، جنهن بعد ڪسنجر ڌمڪي ڏيندي چيو تہ “We will make a terrible example of you”
ضياءَ الحق جي مقرري
1976ع ۾ ڀٽو ڪيترن سينئرجنرلن کي سپرسيڊ ڪري ضياءَ الحق کي آرمي چيف مقرر ڪيو، جيڪو بعد ۾ سندس خلاف استعمال ٿيو.
1977 جون چونڊون ۽ سياسي بحران
1977ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي، پر مخالف اتحاد پي اين اي ڌانڌلي جا الزام هنيا، ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿيو، سياسي بحران شدت اختيار ڪري ويو، 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ الحق فوجي بغاوت ذريعي ڀٽو حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ويو.
صوري قتل ڪيس ۽ گرفتاري
ڀٽو تي نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل جو الزام لڳايو ويو، کيس گرفتار ڪيو ويو، عدالت پاران ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.
شهادت (4 اپريل 1979)
4 اپريل 1979ع تي راولپنڊي جيل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، ڪيترن مبصرن ان کي “عدالتي قتل” قرار ڏنو، سندس موت پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين تڪراري موضوع آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جو سفر هڪ بااثر جاگيردار جي پٽ کان عالمي سطح جي اڳواڻ تائين رهيو، هن پاڪستان کي آئين ڏنو.
عوامي سياست کي نئون رخ ڏنو
پر ساڳئي وقت سياسي تڪرارن، بحرانن ۽ آخرڪار المناڪ انجام جو شڪار ٿيو، 4 اپريل صرف هڪ ڏينهن نه، پر پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهم موڙ آهي، جيڪو اڄ به بحث هيٺ آهي.