اسلام آباد : دھشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي کي اشتھاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي.
اسلام آباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي، صوبائي وزير مينا آفريدي ۽ شفيع اللھ آفريدي سميت ٻين جوابدارن کي اشتھاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جو آغا ڪري ڇڏيو.
دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جوابدارن خلاف رمنا ٿاڻي تي داخل 26 نومبر جي احتجاج واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پاران ڪيترائي ڀيرا طلبي باوجود جوابدار پيش نہ ٿيڻ تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي.
ياد رھي تہ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ ٻين خلاف نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ بہ اشتھاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جو آغاز ڪري چڪي آھي…….