دھشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آھي، ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪنداسين: وڏو وزير

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تہ سنڌ صوبي دھشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آھي، ڪچي ۾ ڏوھارين جو خاتمو ڪنداسين.

پوليس ٽريننگ سعيدآباد ۾ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ ھو تہ موجودہ حالتن ۾ دھشتگردي ۽ ڏوھن خلاف سنڌ پوليس ڀرپور ڪارروايون ڪيون آھن، سنڌ پوليس جي بھادر آفيسرن ۽ جوانن جي ڪري صوبي ۾ امن قائم ٿيو آھي.

ھن چيو تہ ڪجھ ڏينھن پھريان دادو ۾ ٽن بھادر جوانن شھادت ماڻي، صوبي ۾ ڪجھ مھينن ۾ پوليس آفيسرن ۽ جوانن شاندار مثال قائم ڪيا آھن، ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي، ڊي ايس پي علي رضا کي شھيد ڪيو ويو.

وڏي وزير جو چوڻ ھو تہ ڪراچي ۾ جڏھن ڪجھ سال پھريان دھشتگردن چيني قونصليٽ تي حملو ڪيو تہ ڪانسٽيبل شھيد ٿيا، گذريل سال جنوري کان ڊسمبر تائين 1325 پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 207 ڏوھاري مارجي ويا، ان کانسواءِ ھلندڙ سال جنوري کان اڄ تائين 115 مقابلن ۾ 27 ڏوھاري مارجي ويا ۽ 82 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏھن تہ پوليس 81 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ۽ 153 ڄڻن سرينڊر ڪيو.

مراد علي شاھ چيو تہ اميد آھي تہ سنڌ پوليس ايئن ئي بھادري سان ڪم ڪندي ڪچي جي ڏوھارين جو خاتمو ڪندي، ھڪ وقت اھڙو ھو جڏھن دھشتگرد روزانو ڪيترن ئي ماڻھن کي شھيد ڪندا ھئا، ھتي بم ڌماڪا ٿيندا ھئا، ٽارگيٽ ڪلنگ ٿيندي ھئي پر اسان دھشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آھيون، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دھشتگردي جا واقعا ٿي رھيا آھن……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں