اشڪ آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان طرفان اُڀري رھيو آهي، عالمي برادري افغان حڪومت کي پنهنجي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ زور ڀري۔
ترڪمانستان جي شهر اشڪ آباد ۾ عالمي امن فورم کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو تہ 2025ع کي عالمي امن جو سال قرار ڏيڻ سٺو سنوڻ آھي.
هن چيو تہ پاڪستان عالمي امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رھيو آهي، جڏھن تہ تڪرارن جو پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي۔
هن چيو تہ پاڪستان جي حمايت سان غزہ ۾ امن جو منصوبو منظور ٿيو، جنگبندي لاءِ سھڪار تي سعودي عرب، قطر، ترڪيہ، گڏيل عرب امارات، اردن ۽ ايران جا ٿورائتا آهيون، غزہ ۾ امن لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، سلامتي ڪائونسل جي ٺھراءُ 2788 پاڪستان جي ويزن جي تائيد ڪئي آھي ۽ وچ اوڀر ۾ ڊگهي عرصي جي جنگبندي ۽ انساني بنيادن تي امداد پهچائڻ نهايت ضروري آهي۔
وزيراعظم پاڪستان چيو تہ پائيدار امن ۽ پائيدار ترقي هڪٻئي سان جڙيل آهن، جديد ٽيڪنالاجيز تائين پھچ اڻٽر آهي، مالي شموليت ۽ عورتن کي معاشي وھڪري ۾ آڻڻ اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي۔
شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ دھشتگردي جو نئون خطرو افغانستان مان اڀري رھيو آھي، عالمي برادري افغان حڪومت تي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ زور ڏئي.
هن چيو تہ پاڪستان جو صاف ۽ سرسبز ترقياتي ماڊل عالمي مثال آهي، موسمياتي تبديلي پٺ تي پيل ملڪن لاءِ وڏو چئلينج آھي، موسمياتي تبديلين سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي خطرا درپيش آهن، فورم کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ جي ضرورت آھي…