دھشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آھي تہ بند ڪمرن مان نڪري فيصلا ڪرڻا پوندا: سھيل آفريدي

فہرستِ مضامین

پشاور: ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ سندن ڪوششون امن لاءِ آھن، بند ڪمرن مان نڪري سياستدانن سان گڏجي فيصلا ٿيندا تہ دھشتگردي جو خاتمو ٿيندو.

ڪي پي اسيمبلي ۾ امن جرڳي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ سندن ڪوششون امن لاءِ آھن، دھشتگردي جي ناسور خلاف اڄ جي جرڳي  ۾ پائيدار حل نڪرندو،امن تڏھن قائم ٿيندو جڏھن دھشتگردي جو خاتمو ٿيندو.

هن چيو تہ اسان کي بند ڪمرن مان نڪري سياستدانن سان گڏجي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ دهشتگردي جي خلاف ڊگهي مدي واري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.

سھيل آفریدی چيو اين ايف سي شيئر 400 ارب رپيا ٺھي ٿو، جيڪا رقم ڪي پي کي نٿي ملي، جيڪڏھن دھشتگردي سبب هڪ سيڪڙو ملي بہ ٿو ان بابت پڇڻ جو ڪنھن کي حق ناھي.

ھن چيو تہ سياست هر ڪنهن جي پنهنجي آهي، پر امن گڏيل آھي، هتي ويٺل هر شخص قرباني ڏني آهي،  دهشتگردي خلاف عوام، سياستدانن ۽ سيڪيورٽي فورسز سڀني قربانيون ڏنيون آهن، 2018 جي سڀني جي قربانين سان امن قائم ٿيو ھو پر ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر دھشتگردي ڪر کڻي رھي آھي.

سھيل آفريدي چيو تہ اسان پاڪ افغان ڳالھين جي آجيان ڪئي، سندن ڪوششون امن لاءِ آھن، جنگ جي آخري  آپشن ھجڻ گھرجي.

وڏي وزير چيو تہ امن جي ڳالھ ڪيون ٿا پر بدقسمتي سان ڪجھ ماڻھن کي اھا ڳالھ خراب لڳندي آھي، دھشتگردي جي خاتمي لاءِ بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلا مٿن مڙھيا ويندا آھن، ان فيصلن سان اڃا تائين دھشتگردي ختم ناھي ٿي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں