وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ دھشتگردي خلاف جنگ اڄ بہ جاري آھي، خارجين کي پاڙيسري ملڪن مان مدد ملي پئي، دھشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نہ ويھنداسين.
ڪوئيٽا ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ وفاق بلوچستان جي ترقي، استحڪام ۽ عوامي ڀلائي لاءِ صوبائي حڪومت سان سھڪار جاري رکندو.
ھن چيو تہ بلوچستان جي مسئلن جو حل، ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ ۽ عوامي رليف لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.
وزيراعظم شبھاز شريف طرفان عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ قائم ڪيل سيل جي قدمن جي بہ واکاڻ ڪئي وئي.
وزيراعظم خطاب ڪندي چيو تہ دھشتگردي ڪي پي وانگر بلوچستان ۾ بہ ڏکيائيون پيدا ڪيون، دھشتگردي جي خاتمي لاءِ سک سان نہ ويھنداسين.
ان کان اڳ چيف سيڪريٽري بلوچستان قار خان وزيراعظم کي صوبي مختلف شعبن ۾ ڪيل سڌارن ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني.