حيدرآباد(رپورٽ: عبدالغفور سروھي) سنڌ ھاء ڪورٽ حيدرآباد بينچ گم ڄاڻايل نينگر حبيب الله پلي کي سڀاڻي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ دولتپور مان گم ٿيل نينگر جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ايس ايس پي نوابشاھ ۽ دولتپور پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، جڏھڌن تہ ايس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو تہ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪھڙا قدم کنيا اٿئو؟
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو تہ نينگر 20 ڏينهن کان گم آھي، پوليس عدالتي حڪم باوجود کيس بازياب نہ ڪرائي سگھي آھي.
ايس ايس پي نوابشاھ عدالت کي مطمئن نہ ڪري سگھيو، عدالت سڀاڻي تائين نينگر کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.