ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي تہ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سياسي جماعتن ۽ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ ئي بيانيو آھي،دهشتگردي خلاف هن بيانيي تان ڪنهن بہ صورت ۾ پوئتي نہ ھٽنداسين.
جي ايڇ ڪيو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ هن سال پيغامِ پاڪستان جو ٻيهر عزم ورجايو آھي، جنهن بابت عالمن ۽ مشائخ لاءِ مڪمل وضاحت موجود آهي، ٻي اهم وضاحت هندستان ۽ فتنہ الخوارج جي نيڪسز بابت سامهون آئي آهي۔
هن چيو تہ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سياسي جماعتون ۽ سيڪيورٽي فورسز هڪ صف ۾ بيٺل آهن، ڪو بہ اسان کي هن بيانيي کان ٽـَس کان مـَس نٿو ڪري سگهي۔
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ 2025ع دوران افغان طالبان، خوارج ۽ هندستان جو ڳٺ جوڙ کليءَ طرح سامهون آيو، ڪجهه وڌيڪ ڳجها رخ بہ ظاهر ٿيا آهن۔
هن چيو تہ ڀارتي ٽي وي تي ويهي ڪجهه ماڻهو چون ٿا تہ افغانستان ۽ هندستان گڏجي پاڪستان تي حملو ڪندا، جيڪڏھن اهڙو شوق آهي تہ پوءِ سامهون اچن، کين جواب ڏنو ويندو۔
ترجمان پاڪ فوج چيو تہ خيبرپختونخواهہ ۾ دهشتگردي لاءِ سازگار سياسي ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪو انتھائي خطرناڪ عمل آهي۔
ڊي جي آءِ ايس پي آر سوال اٿاريو تہ دهشتگردن سان جهڙپن دوران طالبان جو نام نهاد پرڏيهي وزير ڪٿي هو؟ اسلام ڪڏھن بہ دشمنن آڏو جهڪڻ جي تعليم نٿو ڏئي، افغانستان ۾ ڪا باقاعدہ حڪومت ناهي، پر هڪ ننڍڙو گروھ زبردستي قابض آهي۔
ترجمان پاڪ فوج چيو تہ اسان گهڻي عرصي کان چوندا پيا اچون تہ افغانستان دهشتگردي جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي، هاڻي دنيا بہ اهو مڃي رھي آهي، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان بہ شڪايتون ڪري رھيا آهن تہ افغانستان مان دهشتگرد حملا ٿي رھيا آهن، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب افغانستان ۾ 20 بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمون سرگرم آهن۔
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ پوري قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي رھي آهن، پر جيڪڏھن ڪنهن صوبي جي حڪومت چوي تہ هو آپريشنز جي اجازت نہ ڏيندي، تہ پوءِ ڇا اهي ماڻهو سوات جهڙو دهشتگردي وارو ماحول ٻيهر پيدا ڪرڻ چاهين ٿا؟هن چيو تہ اهڙن ماڻهن جو بيانيو هاڻي کليءَ طرح سامهون اچي چڪو آهي، سندن سياسي بيانيہ پراڻو ۽ ڪمزور آهي، ڪي پي جو وزيراعليٰ چوي ٿو تہ افغانستان اسان جي مدد ڪري، ڪابل اسان کي سيڪيورٽي گارنٽي ڏئي، ھن سوال ڪيو تہ جيڪڏھن فوجي آپريشن نٿو ڪرڻو تہ پوءِ ڇا خوارج جي پيرن ۾ ويهڻو آهي؟ ڇا نور ولي محسوس کي صوبي جو وزيراعليٰ بڻايو وڃي؟ ڇا هبت الله طئي ڪندو تہ چارسده ۾ ڇا ٿيندو؟