ڪراچي : سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي تہ ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزير اڄ بغير تياري جي پريس ڪانفرنس ڪري پيپلزپارٽي تي بي بنياد الزام لڳايا، ايم ڪيو ايم جي سياست ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان کي بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر شاھ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو تہ ايم ڪيو ايم زميني حقيقتون ڏسڻ کانپوءِ مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ڇاڪاڻ تہ انهن کي خبر هئي تہ شڪست يقيني آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته 27 هين ترميم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽ سان شروع ٿي، جنهن ۾ آئيني عدالت جي قيام، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي بحالي، ججن جي منتقلي، اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جي تحفظ کي ختم ڪرڻ، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري ۾ دير جهڙا نقطا شامل هئا.
هن چيو تہ انهن مان ڪيترائي نقطا پيپلزپارٽي ڪڏهن بہ قبول نه ڪيا، جڏھن تہ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ ۾ مڪاني ادارن جو ڪو به ذڪر نہ هو، ايم ڪيو ايم کي نفرت جي سياست بند ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت سياست اختيار ڪرڻ گهرجي، پيپلز پارٽي صوبن جي حقن جي سڀ کان وڏي ضامن آهي.
شرجيل ميمڻ چيو تہ شهيد بي بي ۽ نواز شريف جي وچ ۾ صحيح ٿيل ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت جي قيام جو ذڪر آهي ۽ ان حوالي سان پيپلز پارٽي پنهنجا خدشا واضح ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ سي اي سي جو ٻن ڏينهن جو اجلاس پڻ ٿيو.
هن چيو تہ پاڪستان پيپلزپارٽي عدالتي سرگرمي جو سڀ کان وڏو شڪار رھي آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ صدر آصف علي زرداري 11 سال بغير سزا جي جيل ۾ گذاريا.
سينئر وزير شرجيل ميمڻ جسٽس منصور علي شاهہ ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفائن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو تہ اسان جي عدالتي نظام ۾ ثاقب نثار جهڙا دور بہ ڏٺا ويا جن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جو ورھاڱو ناممڪن آهي، دنيا ۾ ڪا بہ اهڙي طاقت ناهي جيڪا سنڌ کي ورھائي سگهي.