اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجہ آصف چيو آهي تہ 18هين ترميم هڪ دوکو ثابت ٿي آهي، سمورا اختيار صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ پيش آيل واقعا ان ڳالهہ جي گهر ڪن ٿا تہ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجہ آصف گل پلازا سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو تہ ڪراچي ۾ باهہ جو واقعو پيش آيو، جنهن تي جيترو بہ افسوس ڪجي گهٽ آهي، ڊمپر حادثن ۾ بہ انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي.
خواجہ آصف چيو تہ 18هين ترميم هڪ ڏٽو ثابت ٿي آهي، سمورا اختيار صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، اتفاق راءِ اهو هو تہ لوڪل گورنمينٽ کي اختيار ڏنا وڃن، چاهيون پيا تہ گوادر کان گلگت تائين هڪ جهڙو تعليمي نصاب هجي، ڪراچي ۾ پيش آيل واقعا ان ڳالهہ جي گهر ڪن ٿا تہ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن.
هن چيو تہ جيستائين عوام کي اختيار منتقل نہ ڪنداسين تيستائين هي ايوان بي معنيٰ رھندو، ستم ڏسو تہ جڏھن بہ ڊڪٽيٽر آيا آهن تہ انهن بااختيار لوڪل گورنمينٽ متعارف ڪرائي، ايوب خان، ضياءَ الحق ۽ مشرف لوڪل باڊيز جا چونڊون ڪرايون، اسان لوڪل گورنمينٽ جون چونڊون ناهيون ڪرايون، چونڊن جو شيڊيول بہ اچي ٿو تہ بهانا ڪيا وڃن ٿا، ملڪ ۽ نظام جي بقا لاءِ لوڪل گورنمينٽ کي مضبوط ڪرڻو پوندو.
بچاءَ واري وزير چيو تہ چين جو موجوده صدر سياسي عمل مان نڪري سامهون آيو، لوڪل گورنمينٽ مان قيادت پيدا ٿئي ٿي ۽ اهڙي عمل مان اڳتي وڌي ٿي، باهه وارو واقعو اسان جي سسٽم جي تباهيءَ جي نشاني آهي، ملڪ ۾ عوام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ کي مضبوط ڪرڻو پوندو، خواهش آهي ته مضبوط لوڪل گورنمينٽ سسٽم هجي ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي، اهڙو تعليمي نظام هئڻ گهرجي جو وفاق سميت صوبا به نئين نسل کي سڃاڻن، هڪ جهڙو تعليمي نظام قوم بڻائي ٿو پر اهو ٿي نه سگهيو.
هن وڌيڪ چيو تہ هاڻي اهڙو نظام بڻجڻ گهرجي جو صوبي کان تعلقي ۽ وارڊ جي سطح تائين اختيار منتقل ٿين، جيڪڏھن ايئن ئي رھيو تہ آخر ۾ دفاع واري وزارت جي فائر بريگيڊ ئي باهہ وسائڻ لاءِ ايندي، پاڪستان جي استحڪام لاءِ هاڻي فيصلا ڪرڻا پوندا.
پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت ڳالهائيندي خواجہ آصف چيو تہ حڪومت تحريڪ انصاف سان ڳالهين ۾ سنجيدہ آهي، پر مان نٿو سمجهان تہ پي ٽي آءِ ڳالهين ۾ سنجيده آهي، ڇو تہ پي ٽي آءِ چار پنج ٻوليون ڳالهائي ٿي، ڪڏھن فرينچ، ڪڏھن انگريزي، پنجابي ۽ اردو ۾ ڳالهائين ٿا، اسان انهن جي ڪهڙي ٻولي سمجهون، اسان کي ٻڌايو تہ اسان ڪهڙي ٻوليءَ تي اعتبار ڪريون، خيبرپختونخوا حڪومت الڳ ٻولي ڳالهائي ٿي ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو ٻي ٻولي ڳالهائين ٿا.
هن چيو تہ جيڪي ماڻهو ٻاهر ويهي گار گند ڪن ٿا، سڀ کان پهرين انهن جي زبان بند ڪرڻ ضروري آهي، ٻاهر ويهي جيڪي ماڻهو پاڪستان خلاف ڳالهائن ٿا، اهو انهن جي مرضي سان نه پر باقاعدہ حڪمت عملي تحت ٿي رھيو آهي، ٻاهر ويٺل ماڻهو ماڻهن کي گاريون ڏئي رھيا آهن.
خواجا آصف جو چوڻ هو تہ پي ٽي آءِ بئڪ ٽريڪ ڪرڻ ۽ ٻہ نمبري ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاءِ جڳھ رکڻ چاهي ٿي، اهو رڳو پي ٽي آءِ جي نيت جو فتور آهي، جيڪڏھن نيت هجي تہ ڳالهيون بہ ٿي سگهن ٿيون ۽ نتيجا بہ نڪري سگهن ٿا.
خواجه آصف چيو تہ مون کي ٻڌايو تہ اڪثريتي پارٽي پنهنجو ليڊر آف اپوزيشن ڇو نہ ٺاهيو؟ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر بڻايو ويو آهي، هو اسان جو ڀاءُ آهي ۽ مان محمود اچڪزئي جو ڏاڍو احترام ڪريان ٿو، سياست ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو پر ذاتي تعلق ڀائرن جهڙو آهي، مان کيس ڀليڪار ڪيان ٿو.
هن چيو تہ نواز شريف ۽ شهباز شريف مون کي اهو حق ڏين ٿا تہ مان اختلاف ڪري سگهان، جيتوڻيڪ ڪو بہ وزيراعظم پنهنجن وزيرن يا ورڪرن کي ايتري آزادي نٿو ڏئي جيتري شهباز شريف ڏئي ٿو، پاڪستان جي سياست ۾ اهي ماڻهو هڪ رول ماڊل آهن…..