پاڪستان افغان طالبان جي پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، دفاع واري وزير خواجه آصف افغان ترجمان جي بيانن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي تہ خيبرپختونخوا جو عوام ڀارتي پراڪسيز کان واقف آھي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته ھو افغان ترجمان طرفان جاري ڪيل گمراهه ڪندڙ تبصرن بابت واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته افغانستان بابت پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسين تي سمورن پاڪستانين سميت ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت ۾ مڪمل اتفاقِ راءِ موجود آهي.
ھن چيو تہ پاڪستاني عوام، خاص طور تي خيبرپختونخوا جا ماڻهو، افغان طالبان جي حڪومت طرفان ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي کان آگاهه آھن.
هن چيو ته اها آهي ته هي غيرنمائنده افغان طالبان حڪومت اندروني ڌڙا بندي جو شڪار آھن ۽ اھي افغان نسلن، عورتن، ٻارن ۽ اقليتن تي لڳاتار ظلم ڪرڻ جي ذميوار آھن.
دفاع واري وزير چيو تہ 4 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود به افغان طالبان جي حڪومت عالمي برادري سان ڪيل وعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ هاڻي اها بيان بازي ذريعي ۽ ٻاهرين عنصرن جي پراڪسي طور ڪم ڪري پنهنجي هم آهنگي، استحڪام ۽ حڪمراني جي صلاحيت جي کوٽ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.