دشمن جھڙي ٻولي ۾ ڳالھائيندو، کيس ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏنو ويندو: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف، ڀارت تي واضح ڪيو آھي تہ دشمن جھڙي ٻولي ۾ ڳالھائيندو، کيس ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏنو ويندو.

آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھي، يومِ يڪجھتي تي ڪشميرين ڀائرن کي سندن جدوجھد تي سلام پيش ڪيون ٿا.

ھن چيو تہ حق جـِي جنگ ۾پاڪستان ھٿان ذلت واري شڪست ملڻ کانپوءِ ڀارت پراڪسيز ذريعي دھشتگردي ڪرائي رھيو آھي، عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي ڀارت جو بيانيو دفن ڪري ڇڏيو آھي.

وزيراعظم چيو تہ  ڀارت جھڙي زبان ۾ ڳالھائيندو، کيس ان ئي ٻولي ۾ جواب ڏينداسين، اسان امن چاھيون ٿا پر امن برابري جي سطح تي قائم ٿي سگھي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطيني عوام کي سندن مرضيءَ موجب حق ڏيڻ ضروري آھي. شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير ڪاز سموري دنيا ۾ ٻيھر زندہ ٿيو آھي، پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين بابت پنھنجي اصولي موقف تان پوئتي نہ ھٽندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں