دبئي ۾ ايئر شو دوران ڀارت جو جنگي جهاز تيجس ڪري تباهہ ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ بہ مارجي ويو۔
ڀارتي ايئر فورس دبئي ايئر شو دوران مقامي طور تي تيار ڪيل ويڙحاڪ جهاز تيجس جي ڪري تباهہ ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي۔
ڀارتي ايئر فورس طرفان حادثي ۾ پائلٽ جي مارجي وڃڻ جي بہ تصديق ڪئي وئي آهي۔
آمريڪي ميڊيا موجب ڀارتي جهاز دبئي ايئر شو ۾ مظاهري دوران ڪري پيو۔
ڀارتي ميڊيا موجب دبئي ايئر شو دوران 2 وڳي 10 منٽن تي حادثو پيش آيو ۽ جهاز ايئر شو جي ايئروبيٽڪ اسٽنٽ دوران ڪري پيو
ميڊيا رپورٽن موجب ڪري تباھ ٿيل جھاز جي پائلٽ بابت ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ اهو بہ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ جهاز فني خرابي سبب ڪري تباھ ٿيو يا پائلٽ جي غلطي سبب ڪيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي تہ حادثي جو شڪار ٿيل جهاز 2016 کان سروس ۾ موجود هو۔
دبئي ايئر شو دوران ويڙھاڪ جهازن جي مظاهرن جو سيشن ڏسندڙن جو سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيل ايونٽ هوندو آهي، پر ڀارتي وڙھاڪ جهاز سان پيش آيل حادثي بعد هي ايونٽ روڪيو ويو آھي.