داخلي سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ مضبوط، پيشوراڻي ۽ عوام دوست پوليس ضروري آهي: فيلڊ مارشل

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز، چيو آهي تہ مضبوط، پيشي ور ۽ عوام دوست پوليس اندروني سلامتي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ انتهائي ضروري آهي۔

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نيشنل پوليس اڪيڊمي، اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس سروس آف پاڪستان جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفاقي گھرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري بہ موجود ھئا.

پڌرائي موجب نيشنل پوليس اڪيڊمي پهچڻ تي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي فيلڊ مارشل جو شاندار استقبال ڪيو، جڏهن تہ پوليس پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو۔

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو تہ فيلڊ مارشل پوليس شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتحه خواني ڪئي ۽ امن امان جي قيام، قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي تحفظ خاطر پنهنجي جانين جو نذرانہ پيش ڪندڙ پوليس شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔

فيلڊ مارشل دهشتگردي، ڏوھن ۽ اندروني سلامتي جي چيلينجن کي منهن ڏيڻ دوران پوليس اهلڪارن جي عظيم قربانين کي ساراهيو۔

فيلڊ مارشل ڪيڊٽ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽس آف پوليس سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ چيو تہ پوليس شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ پهرين دفاعي لائن آهي، هن ادارن جي وچ ۾ سهڪار، جديد پوليسنگ طريقن ۽ عوامي اعتماد جي فروغ جي اهميت تي زور ڏنو.

فيلڊ مارشل وڌيڪ چيو تہ مضبوط، پيشه ور ۽ عوام دوست پوليس فورس اندروني سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اڻٽر آهي، امن امان جو قيام هڪ مقدس ذميواري آهي ۽ پاڪ فوج جا بهادر جوان پوليس جي بهادر اهلڪارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بيٺل آهن۔

بيان موجب سينيئر پوليس قيادت پوليسنگ جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پيشوراڻي صلاحيت وڌائڻ ۽ موجودہ سلامتي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري ادارتي سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں