خيرپور واسي ڪٽنب سان وڏو سانحو: گهر ڌڻي جو ڪراچي مان  لاش ڳوٺ کڻي ايندڙ 7 ڀاتي اجل جو شڪار، علائقي ۾ سوڳ

فہرستِ مضامین

رپورٽ: علي اڪبر گوپانگ/خيرپور

مورو ويجھو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل خيرپور واسي ھڪ ئي گھر جي  7 ڀاتين جا لاش اباڻي ڳوٺ پھچايا ويا آھن.

حادثي فوت ٿيل ٽن نينگرين ۽ ٻن عورتن سميت 7 ڄڻن جا لاش اباڻي ڳوٺ جان محمد جانوري پھچايا ويا.

فوتين ۾ افضل جانوري، سندس گھر واري مسمات رخسانه، سندس ٻه ڌيئر خديجه آمنا، علي احمد، سندس گھر واري مسمات شبيران ۽ ڌيءَ اسمه شامل آهن،

وارثن جو چوڻ ھو تھ حادثي جو شڪار ٿيل گھرڀاتي ڪراچي کان ڳوٺ اچي رھيا ھئا تھ حادثو پيش آيو.

علائقي واسين جو چوڻ آهي حادثي جو شڪار ٿيل ڪٽنب  ڪراچي ۾ رھندو ھو.

علائقي واسين موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪٽنب ڪراچي ۾ فوت ٿيل پيرسن جو لاش ايمبولينس ذريعي خيرپور کڻائي اچي رھيا ھئا ته سندن ڪار سان موري ۾ افسوس ناڪ حادثو پيش آيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں