خيرپور جي واپاري چوڌري بشير آرائين جي پٽ ۽ ننھن سميت 6 گھر ڀاتين جا گھر مان لاش ھٿ آيا آھن، واقعو ايس ايس پي آفيس ڀرسان پيش آيو، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
پوليس موجب اجل جو شڪار ٿيلن جي سڃاڻپ نويد آرائين ۽ سندس زال اقصيٰ ادريس طور ٿي آهي، چئن ٻارڙن جي نالن جي تصديق ڪئي پئي وڃي
ذريعن موجب نويد جي زال اقصيٰ ادريس پنهنجي مڙس ۽ چئن ٻارڙن کي ماري ڪري انت آندو آھي
ذريعن مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته عورت مڙس ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد ساھرن کي اطلاع ڏيڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري انت آندو آھي، پر پوليس ان حوالي سان تصديق يا ترديد ناھي ڪئي
نويد آرائين کجي ۽ اناج منڊي جي صدر چوڌري بشير آرائين جو پٽ ھو، واقعي کانپوءِ گھر ۾ ڪھرام متل آھي.